| اسلامي ملڪن کي آمريڪي اڳراين جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو: فضل الرحمان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير سراج الحق جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو، جتي ملڪي مجموعي سياسي صورتحال ۽ بين الاقوامي حالتن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران خطي ۾ امن امان جي بگڙندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته حڪومت طرفان وڌندڙ مهانگائي ۽ عوام جي خراب معاشي حالتن تي به عدم اطمينان ظاهر ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته مسلم ملڪن کي گڏيل اتحاد ۽ اتفاق سان آمريڪي جارحيت جو مقابلو ڪرڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته فلسطين ۽ بيت المقدس جي مسئلي تي امت مسلمه کي گڏ ٿي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته گڏيل موقف کان سواءِ اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي.