اسلام آباد، لاهور، پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقي ۾ زلزلو

مَي 28, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد، لاهور ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن

مري، راولپنڊي، سرگوڌا، خوشاب، اٽڪ ۽ فيصل آباد ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن

مظفر آباد ۽ گلگت بلتستان سميت ديا مر ۽ مختلف علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪرڻ بعد ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

پشاور، سوات، صوابي، مالاڪنڊ، ايبٽ آباد ۽ لوئر دير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جڏهن ته ڪنهن به علائقي مان نقصان جو اطلاع نه مليو آهي

زلزلو ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جي گهرائي 223 ڪلوميٽر هئي ۽ زلزلي جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جو بارڊر هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار