”اسان جي وچ ۾ ٺاھ نه ٿي سگھيو. اھا خبر آمريڪا لاءِ ايتري بري ناھي، جيتري ايران لاءِ!“
اھي لفظ چئي آمريڪا جو وائيس پريزيڊنٽ جي ڊي وينس پنھنجي ملڪ روانو ٿي ويو. نائب صدر جي مايوس بيان ۽ پنھنجي ملڪ طرف اڏام سبب اسلام آباد ۾ مايوسيءَ جي فضا ڇائنجي وئي پر پاڪستان پوءِ به پراميد آھي. بقول پاڪستاني پرڏيھي وزير، ڳالھين جا دروزا بند نه ٿيا آھن. ۽ اھا جنگ به ٻيھر شروع نه ٿي آھي، جيڪا ٻن ھفتن لاءِ روڪي وئي آھي. دنيا جا معتبر مبصر چون ٿا ته جنگ جي باھ ڀڙڪڻ جا امڪان نه ھجڻ جيترا آھن. جڏھن ته امن مذاڪرات جو سلسلو ڪڏھن تيز ته ڪڏھن سست رفتار سان جاري رھندو. اھڙي طرح امن جو ڪانٽو آس ۽ اميد جي وچ ۾ اٽڪيل آھي. اڳتي ڇا ٿيندو؟ ان سوال جو جواب ته ستارن جي علم جو ماھر به ڏئي نه ٿو سگھي. باقي حالتن جي حوالي سان تجزيا پيش ٿي رھيا آھن، پيش ٿيندا رھندا. مجموعي طور تي جنگ کان وٺي امن مذاڪرات تائين ايران جو اميج بھتر رھيو آھي. ڇو ته ايران جھڙي طرح پير کوڙي ۽ مستقل مزاجيءَ سان 40 ڏينھن جنگ جوٽي ۽ ھڪ ڏينھن ته ڇا پر ھڪ ڪلاڪ لاءِ به نه جھريو ۽ نه جھڪيو، ڏھاڪن کان وٺي پابندين جي ڏاڍ کي ڀوڳيندڙ ملڪ جو ڪمال ھو. ان ڪمال کان به ڪجھه سٺو ۽ سڦرو ڪردار اھو ھو ته ايران امن مذاڪرات لاءِ جنھن کليل دل ۽ پروقار سنجيدگيءَ جو مظاھرو ڪيو آھي، ھن جي اھڙي روپ عالمي ميڊيا معرفت پوري دنيا ۾ ايران جو عاليشان اميج پيش ڪيو آھي. اھڙي طرح ايران جنگ ۾ زخم کائي به سرخرو رھيو ۽ امن مذاڪرات ۾ ثابت قدم رھي پنھنجي قوم جو ڪنڌ اوچو رکيو.
پاڪستان جي ميزبانيءَ تي ھن ملڪ جا روايتي مخالف پريشان ۽ ھن ملڪ جا ناراض حامي ٿورو حيران ۽ گھڻو خوش آھن. ڀارتي حڪومت کي ھن جا خيرانديش حلقا اھي صلاحون ڏئي رھيا آھن ته امن جي حوالي سان موديءَ کي دل موڪري ڪرڻ گھرجي پر موديءَ لاءِ صبر جبر برابر آھي. دنيا جا (ممڪن حد تائين) نيوٽرل ملڪ پاڪستان لاءِ ھن موڙ کي بخت جو ڀيڙو (Good Luck) قرار ڏئي رھيا آھن. جڏھن ته ايران پنھنجي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي پاڙيواري ملڪ لاءِ پنھنجي قديم ۽ قيمتي ٻوليءَ ۾ پيار ۽ پنھنجائپ جا جيڪي ٻول ٻوليا آھن، اھي پاڻيءَ جي پکين وانگر سوشل ميڊيا جي سيرن مٿان اڏامي رھيا آھن. جڏھن ته اسلام آباد ۾ امن جا مذاڪرات ھلندي پاڪستان جا جنگي جھاز ۽ ايئرفورس جا جٿا سعودي عرب جي اوڀر واري ماڳ تي لٿا آھن. سعودي عرب کي مليل ان مدد کي عرب امارات ڪھڙي اکين سان ڏسي رھيو آھي ۽ قطر کان وٺي بحرين توڙي عمان تائين عرب ملڪ ھن صورتحال تي ڪھڙو ردعمل پيش ڪندا؟ ان لاءِ ٿورو وقت وڌيڪ گھربل آھي پر ايران ۽ آمريڪا ۾ حتمي جنگ بنديءَ جي حوالي سان ٿوري وقت جو زيان صرف امن نه، عالمي سطح جو اقتصادي نقصان به آھي ۽ اھو نقصان ھي دنيا گھڻي وقت تائين برداشت ڪري نه ٿي سگھي.
دنيا ھاڻي گھڻو وقت آمريڪا جي داداگيري به برداشت ڪرڻ جي موڊ ۾ نظر نه ٿي اچي. ايران جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪا جي حوالي سان بلڪل صحيح چيو آھي ته آمريڪا جي عالمي بادشاھيءَ جا ڏينھن گذري ويا آھن. ھڪ ملڪ کي صرف پيٽرو ڊالر ۽ عسڪري طاقت جي بل بوتي تي پوري دنيا ڪنٽرول ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي. آمريڪا ھن مھل تائين اسرائيل جي اکين ٻوٽ مدد ۽ ايران سان ڏٺي وائٺو وير وڌو آھي. اڳ ۾ ته عالمي ميڊيا جون پاليسيون عام ماڻھن تائين سچ پھچڻ ۾ مشڪل پيدا ڪنديون به ھيون پر سوشل ميڊيا عام ٿيڻ کان پوءِ جڏھن عالم جي اکين آڏو ايران جي اصل ۽ تازي صورتحال پوري طرح پرگھٽ ٿي آھي ته پوءِ عام ماڻھو ان فرق کي سمجھي سگھي ٿو، جيڪو پروپيگنڊا ۽ اصل حقيقت ۾ ھوندو آھي. ايران جي جيڪا غلط ۽ بگڙيل تصوير آمريڪا پيش ڪئي، ھاڻي ان حقيقت جا پول پڌرا ٿي رھيا آھن. سوشل ميڊيا ايران طرف سوين دريون کولي ڇڏيون آھن، دنيا جو عوام انھن درين مان جنھن ايران جو ديدار ڪري رھيو آھي، ان ۾ اھو ظلم ۽ بربريت ناھي، جنھن جو تذڪرو آمريڪي ميڊيا عام جام ڪندي رھي آھي. ھن مھل پوري دنيا کي ايران جو باوقار ۽ بھادر ڪردار نظر اچي رھيو آھي. جڏھن ته اسلام آباد ۾ ڪوٺايل امن معاھدي جي موقعي تي عالمي ميڊيا ايران جا اھي نمائندا پنھنجين اکين سان ڏٺا، جن جي مک مٿان جنگ ۾ پھتل نقصان جو تر جيترو ڏک نه ھو. ميڊيا جي ڪنھن به ڪيمرا کي انھن اکين ۾ خوف جو ڪو پاڇو نظر نه آيو. انھن جو اٿڻ، ويھڻ، ھلڻ، ڦرڻ ۽ ھٿ ملائڻ جي انداز کان وٺي پنھنجو موقف پيش ڪرڻ جي انداز تائين سندن ھر ادا عالمي ميڊيا پاران نوٽ ڪئي وئي ۽ اھا تعريف جوڳن لفظن ۾ رپورٽ ٿي آھي.
اسلام آباد امن ڳالھين ۾ امن ٿيندو يا نہ؟ جيڪڏھن ٿيندو ته ڪڏھن ۽ ڪيترو؟ اھي سوال پوءِ جا آھن پر في الحال اسلام آباد جي ان تقريب سبب ايران جو جيڪو عالمي تعارف ٿيو آھي، ان ايران لاءِ عالمي برادريءَ جي دل ۾ نرم گوشو پيدا ڪري ورتو آھي. مغرب ميڊيا معرفت ھن مھل تائين صرف اھي طالبان ڏٺا ھئا، جيڪي لباس کان وٺي پيش ٿيندڙ لفظن ۽ لفظن ۾ موجود موقف سبب مغرب کي پوئتي پيل ماڻھو محسوس ٿيندا ھئا. دنيا جي عوام کي اڳ ڪڏھن معلوم نه ھو ته ايران جي نالي اھڙو ملڪ به آھي، جن جا نمائندا بغير ٽائي وارا سوٽ پھرين ٿا ۽ سفيد شرٽن ۾ انھن جو روپ سروپ وڏي عزت ۽ رتبي وارو نظر اچي ٿو، جڏھن ته انھن جو عوام مغربي مخلوق وانگر جينز جي پينٽن ۽ ٽي شرٽن ۾ بي فڪريءَ سان گھمندو نظر اچي ٿو ۽ اتان جون ناريون به برقعن ۾ بند ناھن. ايران ۾ پردي جو ڪوڊ احتجاجن بعد ڪجھه نرم ٿيو ھو ۽ جنگ کان پوءِ ته ھاڻي ايران ۾ عورتن جي لباس مٿان پيل پابندي وڏي حد تائين نرم بڻائي وئي آھي ۽ ان ۾ ايران جي موجوده صدر مسعود پشڪيان جو به اھم ڪردار آھي. ايران جون ناريون ھاڻي آزاد پکين وانگر پنھنجي ملڪ جي فضائن ۾ چھچھائين ٿيون ۽ انھن جي اکين ۾ آمريڪي ھيبت بدران پنھنجي ملڪ جي لاءِ محبت جون وسيع واديون آھن.
جنگ جي حوالي سان ٽالسٽاءِ کان وٺي ڪرشن چندر تائين جيڪو به ادب لکيو ويو آھي، ان مطابق جنگ مان ڪڏھن به ڪنھن کي ڪو فائدو نه پيو آھي. جڏھن ته دنيا جي تاريخ ۾ ھي پھريون ڀيرو آھي، جڏھن جنگ سبب ھڪ ملڪ کي نقصان گھٽ ۽ فائدو گھڻو ٿيو آھي. جنگ کان اڳ ايران اڪيلو ۽ عالمي پابندين جي جيل جو اسير ھو. آمريڪا ايران مٿان حملو ڪري ھن ڀيري ته ھن جا زنجير ڳاري ڇڏيا آھن. جنگ سبب ايران کي نقصان ٿيو آھي ۽ تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي پر جيڪڏھن نقصان ۽ فائدن کي عقل ۽ انصاف جي آبجيڪٽو تارازيءَ ۾ توريو وڃي ته ايران کي جنگ جو نقصان گھٽ ۽ فائدو وڌيڪ ٿيو آھي. ايران کي جنگ سبب ھن مھل تائين جيڪا بھتري پلئه پئي آھي، ان ۾ ايندڙ وقت نه صرف اضافو ڪندو پر تمام گھڻو اضافو ڪندو. ايران عالمي پابندين سبب ترقيءَ کان محروم رھيو ۽ اڄ آمريڪا جي ارھ زورائي پڌري ٿي وڃڻ کان پوءِ جڏھن ايران جي اصليت عالم آڏو عيان ٿي آھي، تڏھن عالمي سطح تي ايران جي حوالي سان مھذب ملڪن ۾ ھڪ قسم جي احساس جرم به جنم ورتو آھي ۽ ھو اھا ڳالھ شدت سان محسوس ڪري رھيا آھن ته ھڪ منفي ملڪ جي گشن پتن تي لڳي، انھن ان ايران سان زيادتي ڪئي آھي، جيڪو علم ۽ تھذيب جي کاڻ آھي.
پاڪستان جي گاديءَ واري شھر ۾ ٿيل امن ڳالھين جي تقريب دوران ٽن ملڪ جا معتبر نمائندا موجود ھئا ۽ جڏھن عالمي ميڊيا سان لاڳاپيل نمائندا ڪنوينشن سينٽر ۾ ايران کان آيل سياست ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل نمائندن جو پروفائل چيڪ ڪري رھيا ھئا ته انھن ۾ اڪثريت انھن پي ايڇ ڊي ھولڊرز جي ھئي، جن ڪڏھن به پنھنجي علمي حيثيت جي حوالي سان ڪنھن ڊاڙ ھڻڻ جو مظاھرو نه ڪيو. آمريڪي وفد جي ڀيٽ ۾ ايران جو وفد وڌيڪ عزت ۽ وقار وارو نظر ٿي آيو. جڏھن ته ھو تمام گھڻي تياري ڪري آيا ھئا. آمريڪا جي پوري ڪوشش ھئي ته ڪنھن طرح سان پنھنجا اھم مطالبا مڃرائي ايرانين سان ھينڊشيڪ ڪري پنھنجي سفارتي سوڀ جو اعلان ڪري پر اڳيان به ايران ھو. ايران جنھن جنگ ۾ جلدبازي نه ڪئي، اھو امن معاھدي ۾ تڪڙ ڇو ڪندو؟ ايران جنگ ۾ آھستي اڳي وڌيو ۽ جيئن وڌيو ته ھن جو ھر اڳيون قدم پوئين قدم کان وڌيڪ مضبوط ۽ ڳرو ھو. ساڳي طرح سان امن جي سلسلي ۾ به ايران جيڪي شرط عائد ڪيا آھن، ھڪ ته اھي اصولن مطابق آھن ۽ ٻيو ته ان ۾ پنھنجي ملڪ سان گڏ پاڙي اوڙي جو خيال به خاطر ۾ رکيو ويو آھي. ايران جھڙي طرح فلسطين ۽ لبنان جي سلسلي ۾ پنھنجو موقف پيش ڪيو آھي، اھا جرئت وڏي تھذيب جو وارث ملڪ ئي ڪري سگھي ٿو.
سفارتڪاري آرٽ به آھي ۽ سائنس به آھي. ميدان ۾ کٽيل جنگيون مذاڪراتي ميز تي مات به ٿي سگھن ٿيون ۽ مات ٿيل جنگيون مذاڪرات جي ميز مٿان کٽي به سگھجن ٿيون. سفارتڪار رياستن جا نرم ۽ نازڪ سپاھي ھوندا آھن. اھي سپاھي دليلن جا ھٿيار ھلائيندا آھن. جي ڊي وينس صدر ٽرمپ جو ھوشيار ساٿي آھي پر ھن جي علم ۽ عقل جي ليول ايراني وفد جي اڳواڻي ڪندڙ عالمن آڏو گھٽ آھي. ان ڪري ھو پنھنجي پويان شرط رکي پاڪستان جي سرزمين ڇڏي ويو. ھن کي به معلوم ھو ته ايران امن جي حوالي سان تڪڙ جي موڊ ۾ ناھي. ھن اھو به ڄاڻي ورتو ته ايران آمريڪا سان ڪوئي ڪچو معاھدو ڪرڻ نه ٿو چاھي. ايران اھڙي معاھدي تي اتفاق ڪري سگھي ٿو، جنھن جي ضمانت آمريڪي ڪانگريس ۽ عالمي سطح تي روس ۽ چين ڏين. ايراني وفد جي سربراھ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي مختصر ۽ مايوس ڪندڙ پريس ڪانفرنس کان پوءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي صاف لفظن ۾ لکيو آھي ته ”آمريڪا جيڪا جنگ ميدان ۾ نه کٽي سگھيو، ھو اھا جنگ ڳالھين جي ميز تي کٽڻ چاھي ٿو“ جڏھن ته انھن لفظن جي پويان محمد باقر قاليباف جا اھي لفظ عزم جي علامت وانگر واضح ھئا ته ”ايران ميدان ۾ کٽيل جنگ مذاڪراتي ميز تي ھارائڻ لاءِ تيار ناھي“.