اسلام آباد تي فسادين حملو ڪيو، ڌرڻا هڻي نقصان پهچائيندڙن کي سزائون ڏيو: وزيراعظم جو حڪم … آخري پتو آهي في الحال استعمال نه ڪندس، شهباز ۽ نقوي خلاف ڪيس داخل ڪريو: عمران جي هدايت

ڊسمبر 4, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڌرڻن ۾ نقصان تي سزائون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم ڌرڻن ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو، وزير اعطم چيو ته ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ وارن خلاف قانوني ڪارروائي تي اڳڀرائي جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو، ڌرڻن دوران قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪرڻ وارن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي سرڪاري دوري دوران ملڪ جي راڄڌاني تي انتشار ڦهيلائيندڙن حملو ڪيو، جيڪو شرمندگي جو ڪارڻ بڻيو. پاڪستان ۾ عالمي سطح جي اينٽي رائٽ فورس ٺاهي ويندي. اسلام آباد سيف سٽي ۾ فرانزڪ ليب جوڙڻ سان ان کي عالمي معيار تي آندو ويندو ۽ ان لاءِ سمورا ضروري وسيلا ڪتب آندا ويندا. اجلاس ۾ وزير اعظم کي بريفنگ ڏيندي لاڳاپيل عملدارن ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان هٿيار، فائرنگ جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪارتوس ۽ گوليون ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، سمورا ثبوت فرانزڪ لاءِ موڪليا ويندا. واقعي واري هنڌ موجود انتشار پکيڙيندڙن جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ بعد جوبدارن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو، اجلاس ۾ گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد چيما، قانون واري وزير نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

اسلام آباد (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته آخري پتو آهي، پر في الحال استعمال نه ڪندس، بشريٰ بي بي احتجاج کي ليڊ ڪيو، ٻي قيادت کي به ڪنٽينر تي هجڻ گهرجي ها، عليمه خان اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪري ٻڌايو ته عمران جو موقف هو ته اسلام آباد ۾ لال مسجد کان به وڏو سانحو ڪرايو ويو، گرفتارين تي عمران جو چوڻ هو ته هي بلڪل لال مسجد ۽ اڪبر بگٽي جهڙو آپريشن آهي ان سان ڪاوڙ وڌي هئي هاڻ به ڪاوڙ وڌندي، هنن کي ايئن نه ڇڏينداسين، تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون، 9مئي معاملي تي ماڻهو ڪاوڙيل هئا، پهريان 8 فيبروري تي ماڻهن جو حق کسيو ويو ان تي ماڻهو ڪاوڙيل آهن هاڻوڪي ظلم تي به ڪاوڙيل آهن، مون وٽ آخري پتو آهي پر في الحال ظاهر نه ڪندس، باني هدايت ڪئي ته محسن نقوي ۽ شهباز شريف خلاف ڪيس داخل ڪرايو وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ عالمي ادارن آڏو به اهو معاملو اٿارڻ جي به هدايت ڪئي. پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد عليمه خان بشريٰ بي بي جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته جيل ۾ ڀاءُ جي صحت ٺيڪ آهي.

Leave A Comment