| اسلام آباد حملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي: رٿابندي ٽي ٽي پي سربراهه نور ولي محسود تيار ڪئي: وفاقي سرڪار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاالله تارڙ چيو آهي ته 11 نومبر تي اسلام آباد ۾ ڪچهري تي خودڪش حملو ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. خودڪش حملي آور هاءِ سيڪور واري هنڌ تائين نه پهچي سگهيا. اسلام آباد جي پهرين جڳهه ملي جنهن کي خودڪش حملي آور نشانو بڻايو. انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي حملو کان 48 ڪلاڪن اندر چئن جوابدارن ساجد الله عرف شينا، ڪامران خان، محمد ذالي ۽ شاهه منير کي گرفتار ڪيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته هينڊل ساجد الله عرف شينا خودڪش حملي آور ۽ جيڪٽ کڻي آيو. ساجد الله 2015 ۾ تحريڪ طالبان افغانستان ۾ شموليت اختيار ڪئي. ساجد الله افغانستان جي مختلف ٽريننگ ڪيمپن ۾ تربيت حاصل ڪئي. 2023 ۾ ساجد الله، داد الله نالي شخص سان ملاقات ڪئي. هن حملي جي منصوبابندي فتنہ الخوارج ۽ ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محسود پنهنجي ڪمانڊر داد الله ذريعي ڪئي. داد الله هن وقت افغانستان ۾ موجود آهي. هن چيو ته ساجد الله عرف شينا آگسٽ 2025 ۾ داد الله سان ملاقات لاءِ افغانستان ويو، ساجد الله ۽ داد الله هڪ ايپ ذريعي رابطي ۾ رهيا. دهشتگردن جو ٽارگيٽ راولپنڊي اسلام آباد هيو. الله جو شڪر آهي ته اسان وڏي نقصان کان بچي وياسين. ساجد الله عرف شينا افغانستان وڃي داد الله سان ملاقات ڪري خودڪش حملي جي منصوبابندي ڪئي، ساجد الله، محمد ذالي ۽ ڪامران خان کي هاير ڪيو، آگسٽ 2025 ۾ ساجد الله شينا ۽ محمد ذالي افغانستان گڏجي داد الله سان ملاقات لاءِ ويا،فتنہ الخوارج جي دهشتگرد عبداللہ جان عرف ابو حمزه سان پڻ شيگل ضلع ۾ ملاقات ٿي. شيگل کان اهي ڪابل پهتا جتي داد الله سان ملاقات ٿي. داد الله انهن کي راولپنڊي اسلام آباد ۾ خودڪش حملي بابت نور ولي محسود جو حڪم پهچايو. ساجد الله عرف شينا پاڪستان واپس اچي خودڪش حملي آور عثمان شنواري سان ملاقات ڪئي، عثمان شنواري ننگر هار افغانستان جو رهواسي آهي، عثمان شنواري کي خودڪش جيڪٽ ۽ سمورو مواد فراه ڪيو ويو ۽ هن جي اليون ۾ خودڪش حملو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد وڏو نقصان ڪرڻ چاهين پيا پر اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا. دهشتگرد پنهنجي ٽارگيٽ تائين نه پهچي سگهيا. ساجد الله عرف شينا پاڻ خودڪش حملو ڪندڙ کي خودڪش جيڪٽ فراهم ڪئي، اهو سمورو منصوبو افغانستان مان ٺاهيو ويو، ساجد الله عرف شينا مرڪزي جوابدار آهي، ۽ هو تحريڪ طالبان جو ميمبر رهيو آهي، پريس ڪانفرنس دوران ساجد الله عرف شينا جو اعترافي بيان پڻ ڏيکاريو ويو. عطاءٌ الله تارڙ چيو ته خودڪش حملي آور افغانستان جو رهواسي آهي، هن واقعي جي ڪَڙي افغانستان سان ملي ٿي. سيڪيورٽي ايجنسيون، قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ پاڪستان آرمي مڪمل طور تي الرٽ آهن، سڀني حقيقتن کي اسان قوم جي سامهون رکيو آهي، هي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ تمام مدد ملندي، شهرين جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا. وزيراعظم شهباز شريف جو شهرين جي تحفظ تي وڏو فوڪس آهي. فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج مڪمل طور تي متحرڪ آهي. وزيراعظم انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي جي ڪاميابي کي ساراهيو آهي.