| اسلام آباد ريڊ زون ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به آفيسن جو نظام معطل |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ريڊ زون ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به وفاقي کاتن جي آفيسن ۾ ڪم ڪار گهرن مان ٿيندو. ڪابينا ڊويزن طرفان اهم اعلان ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ آفيسون بند نه هونديون پر ڪم گهرن مان ڪيو ويندو. ريڊ زون جي وزارتن، ڊويزنن ۽ سرڪاري ادارن لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون ويون. سمورا آفيسر ۽ سيڪريٽيريل اسٽاف پنهنجي مقرري واري هنڌ تي موجود رهندا، مختصر نوٽيس تي طلب ڪيو وڃي سگهي ٿو. ضرورت پوڻ تي آفيسرن کي فوري طور دفتر پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن جاري، ميڊيا ذريعي عوام تائين معلومات پهچائڻ جي به هدايت ڪئي وئي. ڪابينا ڊويزن موجب هي فيصلو سيڪيورٽي يا انتظامي سببن جي ڪري ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ريڊ زون ۾ معمول جو دفتري نظام عارضي طور معطل رهندو، ڪم گهرن مان جاري رهندو.