اسلام آباد سانحي جليانوالا باغ جي تاريخ ورجائي آهي، ڪيس گڏيل قومن سميت هر فورم تي کڻي وينداسين: عمران
ڊسمبر 3, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي قوم جي نالي پيغام عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد سانحي جي شهيدن جو ٻڌي انتهائي ڏک ٿيو آهي، دور حاضر جي جنرل ڊائر به جليانوالا باغ جي تاريخ کي ورجايو آهي، انهن شهيدن جو رت ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ انهن شهيدن جو ڪيس اقوام متحده سميت هر فورم تي کڻي وينداسين. حقيقي آزاديءَ جي تحريڪ انهن هٿڪنڊن سان رڪڻ واري ناهي. نه مان پوئتي هٽندس ۽ نه ئي پاڪستاني قوم پٺتي هٽندي، جيڪڏهن اسان اڄ هار تسليم ڪريون ته پاڪستاني قوم جو ڪو مستقبل نه هوندو. پرامن احتجاج هر پاڪستاني جو بنيادي حق آهي ۽ اهو پاڪستان ۾ ڪٿي به ٿي سگهي ٿو. 9 مئي تي به اسان جا 25 ڪارڪن شهيد ٿيا ۽ هن ڀيري به پرامن احتجاج ڪندڙن کي گوليون هڻي رت جي هولي کيڏي وئي آهي. ۽ درجنين شهرين کي شهيد ڪيو ويو، اهو بدترين آمريت ۾ به ناهي ٿيندو. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جو پنهنجي عوام جي نالي تي ڏنل پيغام ۾ وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي سڏ تي لکين پاڪستاني، پاڪستان جي آئين ۽ جمهوريت جي بحاليءَ ۽ سياسي قيدين جي آزاديءَ جو نعرو کڻي اسلام آباد پهتا. پر پرامن ماڻهن مٿان ظلم جي انتها ڪئي وئي. هن ڀيري شيلنگ، رٻڙ جي گولين کان اڳتي وڌي سنائپرز ۽ خطرناڪ هٿيارن سان قتل عام ڪيو ويو. جيڪو فوتي سرٽيفيڪيٽ ۾ به سامهون اچي چڪو آهي. درجينين مظاھرين کي شهيد ۽ سوين مظاھرين کي زخمي ڪيو ويو. ۽ 6هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو. مان سپريم ڪورٽ کي عرض ٿو ڪريان ته هن قتل عام جي جاچ لاءِ هڪ غيرجانبدار عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ قتل عام جو حڪم ڏيندڙ ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي. مان مطالبو ٿو ڪريان ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اسپتالن جي شهيدن ۽ زخمين جي حوالي سان جلد کان جلد ڊيٽا کي عام ڪيو وڃي ۽ سمورن اسپتالن ۽ سيف سٽي جي سي سي ٽي وي فوٽيجز کي محفوظ ڪيو وڃي ته 9 مئي جيان شاهديون غائب نه ٿي سگهن. هن چيو ته مون پنهنجي پارٽي ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هو شهيدن ۽ زخمين جي وارثن جي سار سنڀال ۽ فلاح بهبود جي ذميواري کڻن. ۽ جيڪي ماڻهو گم آهن انهن جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻن. جيڪي ماڻهو گرفتار آهن انهن جي ڪيسن پيروي ڪندڙ وڪيلن جي ٽيمز جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ قتل عام خلاف پشاور ۾ شهيد مارچ ڪيو وڃي ۽ جلد کان جلد پارليامينٽ جو اجلاس سڏائي قرارداد پيش ڪئي وڃي. اوورسيز پاڪستانين پوري دنيا ۾ ان قتل عام خلاف آواز اٿارڻ ۽ پاڪستان ۾ جاري ظلم ۽ بربريت جي خلاف آگاهي مهم هلائي. هن چيو ته اسلام آباد پهچندڙ لکين پاڪستانين کي سلام پيش ڪريان ٿو. علي امين، بشرا بي بي، عمر ايوب، خالد خورشيد، عاليه حمزه، شاهد خٽڪ، مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ پارٽي جي سمورن سينيئر ۽ جونيئر ڪارڪنن سميت نوجوان اڳواڻن، ايم اين ايز ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي سلام پيش ڪريان ٿو. پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ڪرفيو وارو ماحول پيدا ڪري تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي ڪريڪڊائون ڪيو ويو. ۽ ملڪي معيشت کي اربين رپين جو نقصان پهچايو وٺي. هي ڪنهن به مهذب سماج ۾ قابل قبول ناهي. فارم 47 جي سهاري بيٺل ڪٽ پتلي حڪومت ۽ مافيه جا غلام پوليس جا آءِ جيز پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ هي ظلم ڪري رهيا آهن. تحريڪ انصاف جا ڪارڪن متحد ۽ منظم ٿي ملڪ تي مسلط مافيا خلاف پنهنجي حقيقي آزادي جي جدوجهد جي ايندڙ مرحلي لاءِ تيار ڪن.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سوين ماڻهن جي موت جي ڳالهه ڪرڻ وارن کان لاتعلقي جو اعلان ڪريون ٿا، اسان جا 12 ڪارڪن شهيد ٿيا، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خراب صحت بابت خبرون غلط آهن. راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران عمران خان سان ملاقات کانپوءِ بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته اسان جمهوري ۽ ذميوار سياسي پارٽي آهيون، اسان 12 ڄڻن جي موت جي باضابطه اطلاع ڏني آهي، جيڪي سوين موت جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، انهن سان اسان جو ڪو تعلق ناهي. پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪندو.بئريسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ کي 26 نومبر واري واقعي جي ڪا به خبر نه هئي، کيس ڄاڻ ڏني وئي، باني تحريڪ انصاف چيو ته گولي ڪنهن به طرف کان نه هلڻ گهرجي ها، هو فائرنگ جي مذمت ڪري ٿو، گولي جنهن طرف کان به هلي باني تحريڪ انصاف ان جي به مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته عمران خان پي ٽي آءِ جي سمورن اڳواڻن تي اعتماد ڪري ٿو، سمورن اڳواڻن کي ڪنهن جي پويان نه لڪڻ گهرجي، اسان پرامن سياسي پارٽي آهيون، اسان جا ماڻهو ڏکي حالتن مان گذري رهيا آهن، مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، مخالف اسان کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ سازش ڪري رهيا آهن. صحافين جي سوال تي بئريسٽر گوهر چيو ته عمران خان ڪارڪنن جي شهادتن ۽ فورسز جي شهادتن، زخمين تي افسوس جو اطهار ڪيو. عمران خان قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي ريڪوزيشن جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سينيٽ ۾ به ان معامل تي آواز اُٿاريو وڃي. خان صاحب جو هڪ پيغام آهي شهادتن تان توجهه هٽائڻ جي لاءِ ڪڏهن ڊي چوڪ ته ڪڏهن سنگ جاني جي هنڌ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ڇا سنگ جاني ۾ گوليون هلن ها ته ٺيڪ هيو؟ سوين ماڻهن جي فوت ٿيڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ وارن کي ڊس اون ڪريون ٿا. اسان اهي ئي انگ اکر پيش ڪيا آهن جن جي شهادت جي تصديق اسان وٽ موجود آهي. هن چيو ته اهو سڀ ڪجهه نه ٿيڻ گهرجي ها، اسان جمهوري پارٽي آهيون ۽ غير ذميواراڻو انگ اکر نه ٿا ڏئي سگهون، اسان 12 ماڻهن جي شهادت جا سرڪاري انگ اکر ڏنا آهن، اسان ان سان گڏ بيٺل آهيون.بئريسٽر گوهر ماضيءَ ۾ آفتاب شيرپائو جي دور ۾ شريعت جي نفاذ لاءِ احتجاجن ۾ گوليون هلڻ جو مثال ڏيندي چيو ته چيو ته ان کانپوءِ وڏو وزير هليو ويو، مارجي ويلن جو ازالو ڪيو ويو، ماڊل ٽائون سانحو به اوهان جي سامهون آهي، اسان جو مطالبو آهي ته هن معاملي تي به ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائي وڃي. پي ٽي آءِ پرامن سياسي جماعت آهي، انشاءَ الله ان تي ڪا به پابندي نه لڳندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف هن وقت دنيا جي ستين وڏي سياسي پارٽي آهي، مان عمران خان جي هدايتن جي گهٽ وڌ ناهيان ڪندو، علي محمد خان به موجود آهي، اها آن رڪارڊ گفتگو آهي، عمران خان سان ڪنهن به ڳالهه تي بحث نه ڪندس. مون باني تحريڪ انصاف وٽ چيو ته مستقبل ۾ اقتدار نه اسان عمران خان کي پوليس ۽ ٻين اهلڪارن جي شهادت بابت به ٻڌايو، جنهن تي هن چيو ته مون کي ان تي تمام گهڻو افسوس آهي، جيڪڏهن ڪنهن هنڌ احتجاج ٿئي ٿو ته ڪنهن کي به اختيار ناهي ته هو مظاهرين تي گوليون هلائي. خان صاحب جو پيغام آهي ته سڀ ماڻهو شهيدن لاءِ قرآن خواني ۽ دعائون ڪن.