اسلام آباد سوڌو پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ زلزلو

اسلام آباد سوڌو پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف علائقن ۾ زلزلو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد سوڌو پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6.1 هڪ رڪارڊ، راولپنڊي، مري، آزاد ڪشمير، مظفر آباد، اسڪردو ۽ ديامير ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ڪوهاٽ، سوات، صوابي، پارا چنار ۽ لوئر دير ۾ به زلزلو، ماڻهو خوف مان گهرن مان ٻاهر نڪري ويا، زلزلي جي اونهائي 190 ڪلوميٽر ۽ مرڪز افغانستان ۾ هندو ڪش ريجن هو.