اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ترميمي آرڊيننس 2026 خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪو به حڪم جاري نٿو ڪري سگهجي. آرڊيننس جي جاري ٿيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اعظم خان ڪئي. جماعت اسلامي طرفان صدر نصرالله رنداوا وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيو. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول اڳ ئي جاري ڪري چڪو آهي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڏيتي ليتي ڪيس: غلط يا صحيح فيصلو معطل آهي: جسٽس ڪياني
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سي اي او (پي آءِ اي) مشرف رسول، شهري وقاص احمد ۽ سهيل عليم وچ ۾ ڏيتي ليتي واري تڪراري ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ سبب داخل توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته غلط هجي يا درست پر فيصلو معطل آهي، اڳواٽ ئي ٻڌايان ٿو ته ڊويزن بينچ منهنجو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيندي. عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي. درخواست گذار طرفان لطيف کوسه عدالت ۾ پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته عدالتي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي آهي، جيڪا قانوني طور نٿي ٺهي، ڇو ته جاچ آفيسر ڪيئن اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته عدالتي حڪمن کان پوءِ هو ٿاڻي ويو، پر پوليس کيس رپورٽ حوالي ڪري ڇڏي. هن چيو ته ٽئي گاڏيون ثنا جي نالي تي آهن، جنهن جو هن معاملي سان ڪو به تعلق ناهي. انٽرا ڪورٽ اپيل تي جواب داخل ڪيو ويو آهي ته هي ٻڌڻي جوڳي ناهي، ۽ امڪان آهي ته اڱاري تي ٻڌڻي ٿئي. ڊويزن بينچ ڪيس ختم ڪرڻ، پوليس خلاف ڪارروائي ۽ ڏنڊ بابت فيصلو به معطل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته فيصلو غلط هجي يا درست، پر في الحال اهو معطل آهي ۽ ڊويزن بينچ منهنجو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيندي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٽيڪس ۽ ليويز مد ۾ 130 کرب کان وڌيڪ رقم جمع
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مالي سال 2025 ۾ وفاقي حڪومت ٽيڪس ۽ ليويز جي مد ۾ 130 کرب روپين (13 ٽريلين) کان وڌيڪ رقم جمع ڪئي. وفاقي حڪومت پاران جمع ڪيل ٽيڪس ملڪي مجموعي پيداوار يعني جي ڊي پي جو تقريبن 11.3 سيڪڙو آهي. موجوده رفتار سان وفاقي ٽيڪس وصولي 2028 تائين جي ڊي پي جي 15 سيڪڙو جي حد تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد مطابق صوبائي حڪومتن کي به ٽيڪس وصولي جو نظام وڌيڪ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي. في الحال صوبا وفاق جي مقابلي ۾ صرف 0.85 سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ انهن وٽ زراعت ۽ خدمتن جهڙا وڌيڪ موثر ذريعا موجود آهن. خرم شهزاد چيو ته وفاق ۽ صوبن کي گڏجي وڌيڪ بهتر سڌارن ذريعي هر سطح تي ٽيڪس وصولي جي ڪوششن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.