| اسلام آباد مان رٽائرڊ برگيڊيئر پٽ ۽ مهمان سميت اغوا |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ايف ايٽ ٿري سيڪٽر مان ٽي ڄڻا مبينا اغوا ٿي ويا، واقعو مارگلا ٿاڻي جي حد هائوس نمبر 20 اي اسٽريٽ 10 ۾ واقعو پيش آيو. پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ته 15 کان 20 نقاب پهريل ماڻهو گهر ۾ داخل ٿي بريگيڊيئر (ر) عظمت، اُن جي پٽ رضا علي ۽ مهمان چوڌري گذريل رات دير سان زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا. پوليس ذريعن مطابق بريگيڊيئر عظمت 2012 ۾ ڊائريڪٽر آءِ ايس پي آر طور رٽائر ٿيو آهي. ايس ايچ او مارگلا نفري سميت واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون ۽ مقامي ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ۽ علائقي جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو جائزو ورتو.