نواز شريف جي راهه جون سموريون رنڊڪون ختم، آخري العزيزيه ريفرنس مان به بري، احتساب عدالت جي سزا ڪالعدم

ڊسمبر 12, 2023

اسلام آباد/ لاهور(بيورو/ م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جي قائد ميان محمد نواز شريف کي بري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو محفوظ ڪيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪيو ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل منظور ڪندي کيس بري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس واپس احتساب عدالت ڏانهن موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، اسلام آباد جي احتساب عدالت 24 ڊسمبر 2018ع تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. چيف جسٽس چيو ته واجد ضياءَ جيڪو نتيجو ڪڍيو، اهو ڪهڙن دستاويزن جي بنياد تي ڪڍيو ويو؟ اسان کي ڏيکاريو، نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز سي ايم ايز کي نه ان لاڳاپيل دستاويزن کي رڪارڊ تي رکيو ويو، انهن سي ايم ايز ۾ ڪٿي به ناهي لکيو ته نواز شريف جي ملڪيت هئي،اصول آهي ته هڪ ڪيس جو ثبوت ٻئي ڪيس ۾ ناهي پڙهيو ويندو. خاص طور تي جڏهن ٻنهي ڪيسن جي نوعيت الڳ لڳ آهي،  پراسيڪيوشن کي ثابت ڪرڻو هو ته پبلڪ آفيس هولڊر هو پراسيڪيوشن آمدني ۽ اثاثن جي قيمت ٻڌائڻي هئي.  پراسيڪيوشن کي ثابت ڪرڻو هو ته جن جي نالي تي اثاثا آهن اهي زير ڪفالت آهن پراسيڪيوشن کي ثابت ڪرڻو هو ته بي نامي جائيداد ٺاهي وئي، جيڪڏهن ثبوت ناهي ڏنو ويو ته اها آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس نه ٿو ٺهي، ڪو اهڙو ڪيس ناهي جنهن ۾ ملڪيت جو واضح ۽ منطقي ثبوت نه هئڻ تي جوابدار کي سزا ڏني وئي هئي، مخالف ان ڪيس ۾ هڪ به ثبوت نه آڻي سگهيو .  نيب جي پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايت تي احتساب عدالت ۾ ريفرنسز داخل ڪيو ويو، نيب ريفرنسز ۾ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ٺاهي هئي.  سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب بي نامي اثاثن جي جاچ ڪئي، جاچ جا ٻه ٽي طريقا ئي هوندا آهن اسان جيڪي شاهد هٿ ڪيا اهي رڪارڊ جو حصو آهن. نيب پراسيڪيورٽر نواز شريف تي لاڳو فرم جرم جا ڪجهه حصا پڙهي ٻڌايا. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ٻڌايو ته ڪير شاهد آهن جن سان توهان ان جو تعلق ڪيس سان جوڙي رهيا آهيو؟  ملڪيتن جي ماليت بابت ڪي دستاويز ته هوندا، رڪارڊ ۾ ڪو ثبوت ته هوندو. ڪو گواهه ته هوندو. توهان ٻڌايو العزيزيه ڪڏهن لڳائي وئي نواز شريف سان ڪهڙو تعلق آهي.  جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ثبوت ۾ دستاويز ان جا پنهنجا آهن.  چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اهي ڪنهن جي حوالي سان دستاويز آهن؟ توهان پهرين ٻڌڻي تي چيو هو ته جج بابت تعلق جو معاملو موجود آهي.  نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جج جي برطرفي کانپوءِ  ان فيصلي تي نٿو ڀاڙي سگهجي، العزيزيه ريفرنس جو احتساب عدالت جو اهو فيصلو تعصباڻو آهي جج متعلق سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کانپوءِ ان فيصلي کي درست نه ٿو چئي سگهجي. جسٽس گل حسن اورنگزيب چيوته شاهدين ۾ وڃڻ کان اڳ هڪ ڪنفيوزن ختم ڪرڻ چاهيندس آخري ٻڌڻي تي توهان چيو هو ته فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ٽرائل ڪورٽ رمانڊ بيڪ ڪيو وڃي اسان اڃا تائين ڪو آرڊر جاري ناهي ڪيو توهان ان اپيل تي ميرٽ تي دليل ڏئي ڪري سزا برقرار رکي سگهو ٿا.  نيب پراسيڪيورٽر چيو ته العزيزيه ريفرنس کي ٻيهر احتساب عدالت موڪلڻ  جي اپيل ڪئي هئي. چيف جسٽس،  وڪيل امجد پرويز کي مخاطب ٿيندي چيو ته  ارشد ملڪ متعلف درخواست تي گذريل ٻڌڻي تي ڪو حڪم نامو جاري ناهي ڪيو ويو توهان چيو هو ته درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي نٿا چاهيون.. نيب جي ڳالهه درست آهي. جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته نيب توهان کي تمام گهڻي رعايت ڏئي رهي آهي خبر ناهي توهان ڇو نه وٺي رهيا آهيو.  چيف جسٽس عامر فاروق نيب پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته دليلن ۾ ثبوت ڏيو پوءِ  ان جو تعلق جوڙڻ جي ڪوشش ڪريو.  ڀلي توهان ميرٽ تي دليل ڏيو اسان ميرٽ تي ٻڌي وٺنداسين.  چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو.  هوڏانهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته الله تعالي جا لک احسان، نواز شريف سُرخرو ٿي ويو، انتقام لاءِ بيگناهه سزا ڏني وئي، هن پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيو هو،  نواز شريف جي بريت تي رد عمل ڏيندي هن پوري قوم ڪارڪنن  کي مبارڪون ڏيندي چيو ته  گڏجي سياسي انتقام جي طوفانن جو مقابلو ڪيو.

Leave A Comment