ايمان مزاري آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار، علي وزير جي به ضمانت منظور

آگسٽ 28, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سوشل ايڪٽوسٽ ايمان مزاري ضمانت تي آزاد، پوليس کيس جيل مان آزاد ٿيندي ئي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو

ان کان اڳ  اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت علي وزير ۽ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي،  جج ابو الحسنات ايمان مزاري ۽ علي وزير جي ڌمڪين ۽ بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ايمان مزاري ۽ علي وزير جي وڪيلن جي دليلن بعد عدالت ٻنهي جي 30-30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي جنهن بعد ايمان مزاري جي آزادي ممڪن بڻجي وئي آهي

پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته ايمان مزاري جي جلسي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، ايمان مزاري تقرير ۾ چيو ته رياستي آفيسرن غداري ڪئي آهي

عدالت ۾ ايمان مزاري جي والده شيرين مزاري به موجود هئي، عدالت پاران ايمان مزاري ضمانت منظور ڪئي وئي

ايمان مزاري کي سينٽرل جيل اڊيالا مان آزاد ڪيو ويو، پوليس کيس اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪري ورتو

Leave A Comment