اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار پاران ججن جي بدلي غير آئيني قرار

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار پاران ججن جي بدلي غير آئيني قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ججن جي بدليءَ بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري قاسم عباسي چيو آهي ته بار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ججن جي بدلين جو نوٽيس وٺي ٿي، اهڙا قدم آئيني حدن اندر کنيا ويندا آهن، اسان زور ڀريون ٿا ته انهن کي يڪسانيت، شفافيت ۽ اصولي تسلسل سان لاڳو ڪيو وڃي، عدالتن جي جوڙجڪ تي اثرانداز ٿيندڙ فيصلا اداري طور انتهائي اهميت رکن ٿا، تنهنڪري اهي احتياط سان ڪيا وڃن، اهو اڻٽر آهي ته اهڙا قدم ڪنهن به ريت عدليه جي آزادي کي متاثر نه ڪن، جيڪا قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي نظامِ تي عوامي اعتماد جو بنيادي ٿنڀو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن عدليه جي آزادي برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ۽ اميد رکي ٿي ته لاڳاپيل اختياريون انهن بنيادي اصولن جي رهنمائي ۾ ڪم جاري رکنديون.