| اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 3 ۽ بلوچستان جو هڪ جج مستقل |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس يحيي خان آفريدي جي صدارت هيٺ ٽي جوڊيشل ڪميشن اجلاس منعقد ٿيا، جن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. آئيني عدالت ۾ ججن جي مقررين بابت سفارشون ڏيڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي۔ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي۔ جاري ڪيل پڌرائي مطابق اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججن جسٽس محمد اعظم خان، جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس کي مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي۔ ساڳئي ريت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نجم الدين مينگل کي به مستقل جج بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ جسٽس ايوب خان جي منظوريءَ بابت سفارش اڪثريتي راءِ سان رد ڪئي وئي۔آئيني بينچز لاءِ ججن جي نامزدگي جي طريقيڪار تي نظرثاني لاءِ به هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي۔ اجلاس دوران آئيني عدالت متعلق اهم اداراتي معاملن تي پڻ غور ڪيو ويو۔ جوڊيشل ڪميشن هاءِ ڪورٽن جي آئيني بينچز لاءِ ججن جي چونڊ جا معيار، عدالتي مقررين جي انٽرويو جي طريقيڪار ۽ جوڊيشل ڪميشن رولز 2024 ۾ ترميمن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن کي آئيني فريم ورڪ تحت شفاف ۽ موثر سفارشون تيار ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.