| اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا 5 جج بدلي: چيف جسٽس جو انڪار، سيڪريٽري پاران جوڊيشل ڪميشن اجلاس طلب |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلين ۽ مقررين واري معاملي تي ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ بابت چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي غير رسمي درخواست رد ڪري ڇڏي پر بعد ۾ جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري پاران ڪميشن جو اجلاس 28 اپريل تي طلب ڪيو ويو. چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي لکت واري جواب ۾ چيو ته ججن جي بدلين لاءِ ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست قبول نٿي ڪري سگهجي، بنا سبب بدلي جج کي سزا ڏيڻ جي برابر ٿيندي، تنهنڪري جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس مخصوص مقصد لاءِ گهرائڻ ممڪن ناهي. جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ سان لاڳاپيل ججن جي واپسي وفاقي توازن جي خلاف هوندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صوبن جي نمائندگي ختم ٿي ويندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڪٽ 2010 جون گهرجون متاثر ٿينديون ۽ 9 مان 5 ججن جي بدلين سان عدالتي نظام متاثر ٿي سگهي ٿو. اهو به چيو ته آرٽيڪل 209 تحت ئي جج خلاف ڪارروائي ممڪن آهي، ججن جون انتظامي بدليون ڪرڻ آئين جي خلاف هوندو، ايئن ڪرڻ سان عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري متاثر ٿي سگهي ٿي، اهڙيون بدليون عدالتي نظام جي ساک کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. خط جي متن ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته سيڪريٽري جوڊيشل ڪميشن اجلاس گهرائڻ جا مجاز آهن، ميمبر اجلاس گهرائڻ جي رڪيوزيشن موڪلي، پر اجلاس سيڪريٽري گهرائي سگهي ٿو، بدلين لاءِ اجلاس گهرائڻ جا سبب ڪميشن جي سڀني ميمبرن کي موڪليا وڃن.چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي طرفان جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس نه گهرائڻ جو سبب اهو سامهون اچي ويو، چيف جسٽس جواب ڏنو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن ججن جي بدلين سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي سنڌ جي نمائندگي باقي نه رهندي. چيف جسٽس پاڪستان پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڌ کان وڌيڪ ججن جي بدلين سان هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جون جايون خالي ٿينديون ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ٿيندي. ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان اهو به چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلين جو سبب ناهي ٻڌايو ويو. پر بعد ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 28 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي ٻين هاءِ ڪورٽس ۾ بدلي واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويندو. ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ ڏهائي ميمبرن جي رڪيوزيشن بعد اجلاس طلب ڪيو ويو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سرفراز ڊوگر پاران جسٽس خادم سومرو جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي لاءِ اجلاس گهرائڻ جي چيف جسٽس پاڪستان کي غير رسمي درخواست ڪئي هئي، چيف جسٽس پاڪستان جي خط ۾ چيو ويو ته 7 اپريل تي ڪميشن جي سيڪريٽريٽ کي هٿ سان لکيل درخواست ملي جنهن تي تاريخ لکيل نه هئي، جنهن تي ڪميشن جي پنج ميمبرن جون صحيحون هيون، 5 نامزد ججن جي بدلي لاءِ اجلاس گهرائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي، انهن ججن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني کي لاهور هاءِ ڪورٽ، جسٽس بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ، جسٽس ارباب طاهر کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ، جسٽس ثمن رفعت ۽ جسٽس خادم سومرو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بدلي ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ جي استدعا ڪئي وئي، ذريعن موجب ڪميشن ميمبرن جي رڪيوزيشن تي سيڪريٽري ڪميشن 28 اپريل تي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. آئين تحت هڪ ٽيون حصو ميمبرن پاران رڪيوزيشن بعد 15 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻ لازمي آهي.