اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سي ٽي ڊي آفيسر چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز ڏانهن شڪي خط جي پي او راولپنڊي مان اُماڻيا ويا، سي سي ٽي وي ڪئميراز ۾ ڏسي رهيا آهيون ته ڪهڙي ليٽر باڪس مان جي پي او تائين خط پهتا
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران سي ٽي ڊي آفيسر عدالت کي خطن بابت هن مهل تائين ٿيل اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي، ڊي آءِ جي آپريشنز عدالت کي ٻڌايو ته هڪ اسٽيمپ صحيح نموني پڙهڻ ۾ نٿي اچي، خط ۽ اُنهن جا لفافا تجزئي لاءِ ليب اُماڻيا آهن
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان خطن جي تجزئي کانسواءِ جاچ ۾ ڇا ڪيو؟ هاڻي ته هر جاءِ تي سي سي ٽي وي ڪئميراز لڳل هونديون آهن، توهان به اسٽيمپ نٿا پڙهي سگهو ته اسان ڪنهن کي چئون
سندس چوڻ هو ته توهان جو اسٽاف رڳو ناڪن تي بيهڻ ۽ ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ڄاڻي ٿو، اسان کي روز شڪايتون اينديون آهن ته وڪيلن کي پوليس ناڪي تي روڪين ٿا، ناڪي تي بيهندڙن کي چيو ته جيڪي ماڻهو توهان کي ڪجهه ڏين ٿا، اُنهن جي به عيد آهي، سندن خيال ڪريو