اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ۽ ججز ۾ ڪيسز منتقلي تان تڪرار

مارچ 29, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ججز ۾ ڪيسز جي منتقلي تان تڪرار، وقتي چيف جسٽس طرفان جاري ڪيل ايڊمنسٽريٽو آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس بابر ستار ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي آهي، وقتي چيف جسٽس پاران جسٽس بابر ستار جي بينچ کي ئي ڪيس ٻڌڻ جو ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪيو ويو، جسٽس بابر ستار وري وقتي چيف جسٽس جي اختيارن تي سوال اٿاريندي جڊيشل آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، ڊپٽي رجسٽرار کي ڪيس ٻيهر نئين بينچ آڏو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي، لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ته چيف جسٽس وٽ اهو طئي ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي ته هڪ عدالت لازمي ڪيس ٻڌي يا نه. 14 مارچ تي هن عدالت ڪيس ٻي بينچ جي سامهون مقرر ڪرڻ لاءِ اماڻيو هو، ڪيس ٻڌڻ کان معذرت تي چيف جسٽس آفيس يا رجسٽرار آفيس جي مداخلت جي ڪا گنجائش ناهي.

 

Leave A Comment