| اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي انٽرا ڪورٽ اپيل خارج: سپريم ڪورٽ جو فيصلو برقرار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جي بدلي متعلق انٽرا ڪورٽ اپيلون وڪيلن جي پيروي نه ڪرڻ سبب خارج ڪري ڇڏيون. ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي انٽرا ڪورٽ اپيل به پيروي نه ڪرڻ سبب خارج ڪئي وئي. آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ڇهه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ آئيني عدالت 9 مان پنج انٽرا ڪورٽ اپيلون خارج ڪري ڇڏيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق جهانگيري، جسٽس اعجاز اسحاق ۽ جسٽس ثمن رفعت پاران عدالت ۾ ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو. جنهن سبب اپيلون خارج ڪيون ويون. عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز ۽ ٻين انٽرا ڪورٽ اپيلن کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو. پنجن ججز سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪيون هيون. آئيني عدالت سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ آرٽيڪل 200 تحت ججز جي بدلي کي اڪثريت راءِ سان درست قرار ڏنو هو. آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن سميت طاهر فراز عباسي، رياضت علي آزاد ۽ شعيب شاهين جون انٽرا ڪورٽ اپيلون به پيروي نه ڪرڻ سبب خارج ڪيون. آئيني عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن کي لکت ۾ اعتراض داخل ڪرڻ ۽ باني پي ٽي آءِ ۽ راجا مقصط نواز خان کي اضافي گذارشون جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏني. آئيني عدالت باني پي ٽي آءِ کان هدايتون وٺڻ لاءِ ملاقات جي درخواست رد ڪئي. باني پي ٽي آءِ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته تفصيلي فيصلو اچڻ بعد باني پي ٽي آءِ کان هدايتون وٺڻيون آهن. چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته عدالت اهڙو آرڊر جاري نه ٿي ڪري سگهي، جنهن عدالت ۾ سزا ٿي آهي اتي ملاقات لاءِ رجوع ڪيو