اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8ججز کي ڌمڪيون، اينٿريڪس سان ڀريل خط هٿ، اهلڪار جي حالت خراب، ڪيس داخل: خط سي ٽي ڊي حوالي

اپريل 2, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سوڌو 8 ججز کي شڪي خط مليا، چيف جسٽس عامر فاروق شڪي خط کي ڌمڪي قرار ڏئي ڇڏيو، ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي

سائفر ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق تصديق ڪندي چيو ته اسان کي شڪي خط مليا آهن، خطن ۾ بنيادي طور هاءِ ڪورٽ کي ڌمڪي ڏني وئي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڊويزنل بئنچ کي ٻڌڻي ڪرڻ ۾ دير ٿي، ججز کي ملندڙ شڪي خط ڪائونٽر ٽيرازم ڊپارٽمينٽ جي حوالي ڪيا ويا آھن

عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ججز ڏانهن اُماڻيل خطن ۾ پائوڊر هو ۽ خط جي متن ۾ لفظ اينٿريڪس لکيل هو، عدالتي ذريعن مطابق ھڪ جج جي اسٽاف خط کوليو ته ان جي اندر اڇو پائوڊر موجود ھو، خط ۾ ڊينجر جو نشان به موجود ھو

عدالتي ذريعن موجب اسٽاف خط کوليو ته ان جي اندر پائوڊر موجود ھو، خط کولڻ جي بعد اکيون سڙڻ شروع ٿي ويون، متاثر اھلڪار فوري طور تي سينيٽائزر استعمال ڪيو ۽ ھٿ منھن ڌوتو، اهلڪار اکين ۾ سوڄ جون شڪايتون ڪيون

ٻئي طرف اسلام آباد پوليس جي ماهرن پاران عدالت پهچي شڪي خطن جو جائزو ورتو ويو، لفافي تي خط اُماڻيندڙ جو نالو ريشم لکيل آهي، پتو درج ٿيل نه آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انتظاميا پاران پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، معاملي تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي

خط وصول ڪندڙ ۽ ڊسپيچ ڪندڙ برانچ جي ڪلارڪ قدير احمد جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته پهرين اپريل تي مليل ڊاڪ کي نائب قاصد ذريعي ورهايو، 8 لفافا ججن جي پي ايس کي وصول ڪرايا ويا

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت ٻين ججز جي نالي تي خط تقسيم ڪرايا، 4 لفافا کوليا ويا جن ۾ اڇو پائوڊر مليو

Leave A Comment