اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ٽرائل روڪي ڇڏيو: ٻڌڻيون به ڪالعدم: جج جي مقرري درست قرار

نومبر 21, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائل ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج مقرري خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران جي انٽراڪورٽ اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سائفر ڪيس جو جيل ٽرائل غيرقانوني ۽ جج جي مقرري کي درست قرار ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل ٽرائل ۾ هيل تائين جي ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏنو

عدالت چيو ته ٽرائل جيل ۾ ٿي سگهي ٿو پر قانون ۾ ڏنل طريقيڪار موجب ٿيڻ گهرجي، عدالت جيل ۾ ٻڌڻي بابت وزارت قانون جا نوٽيفڪيشنز به غيرقانوني قرار ڏنا, جيل ٽرائل جو 29 آگسٽ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو ويو

 عدالت فيصلي ۾ چيو ته غيرمعمولي حالتن ۾ ٽرائل جيل ۾ ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب جيل ٽرائل اوپن يا اِن ڪيمرا ٿي سگهي ٿو، 13 نومبر تي ڪابينا جي منظوري بعد جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن ماضي تي لاڳو نه ٿيندو، جيل ٽرائل ممڪن آهي پر ان لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن

 عدالت ۾ فيصلي ۾ چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج جي مقرري جو 27 جون وارو نوٽيفڪيشن قانون موجب درست آهي

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتيار تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ مختصر فيصلو ٻڌايو، 3 صفحن تي ٻڌل مختصر فيصلو جاري ڪيو ويو، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو

 ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين پاران وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته جيل ٽرائل لاءِ طريقيڪار موجود آهي، جج کي جيل ٽرائل لاءِ سببن تي ٻڌل واضح آرڊر پاس ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪابينا کان منظوري وٺي ته ان بعد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي، جيل ٽرائل لاءِ منظوري وفاقي ڪابينا کي ڏيڻي هوندي آهي، هن ڪيس ۾ 12 نومبر کان اڳ ڪابينا جي منظوري موجود ئي ناهي

سندس چوڻ هو ته جج کي جيل ٽرائل بابت جوڊيشل آرڊر پاس ڪرڻ گهرجي، هيل تائين اهڙو ڪو آرڊر موجود ناهي، جيڪو ڪيس ۾ سڀ کان بنيادي غيرقانوني قدم آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته هاڻي وفاقي ڪابينا منظوري ته ڏئي ڇڏي آهي پر بنيادي جوڊيشل آرڊر موجود ناهي، مڃيو به وڃي ته وفاقي ڪابينا منظوري ڏني ته ان کان اڳ جي ڪارروائي غيرقانوني آهي

Leave A Comment