شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
مَي 18, 2023
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شاهه محمود قريشيءَ جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شاهه محمود قريشيءَ کان حلفي بيان وٺڻ بعد کيس آزاد ڪيو وڃي،
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهريار آفريدي جي گهر واريءَ کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، شهريار آفريدي پاڻ به وڳوڙن واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل آهي، عدالت آءِ جي اسلام آباد کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ جي صاحب توهان جي حدن ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ آءِ جي چيو ته اسان جي اطلاعن موجب هيءَ عورت ۽ سندس مڙس جي ايڇ ڪيو تي حملي جي رٿابندي ۾ ملوث آهن،
جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته جيڪو ڪجهه توهان ڏيکاري رهيو آهي ان ۾ ته ڪجهه به نه آهي، ياد رکو ته اسان جي عدالت مان آزاديءَ بعد ڪنهن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ته پوءِ ان جا سخت نتيجا نڪرندا، هڪ گهريلو عورت کي گرفتار ڪرڻ تي توهان کي گڊ ٽو سي يو آءِ جي نه ٿا چئي سگهون، آءِ جي اسلام آباد چيو ته گهريلو عورتن پنهنجا مڙس به قتل ڪيا آهن، عدالت چيو ته ڏوهارين خلاف ڀلي ڪارروائي ڪيو پر عورتن کي ائين نه پڪڙيو وڃي