اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪري ڇڏي، آزاد ڪرڻ جو حڪم
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سزا معطلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي ڪالهه فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو
عمران جي سزا معطلي خلاف اپيل منظور ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق زباني طور مختصر فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ته درخواست منظور ڪجي ٿي، لکت ۾ فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو جنهن ۾ سزا معطلي جا ڪارڻ به ڄاڻايا ويندا
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران کي ٽرائل ڪورٽ پاران ٻڌايل سزا کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ عدالت عمران کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود فيصلو محفوظ ڪيو هو، 5 آگسٽ تي اسلام آباد جي ٽرائل ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ عمران کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٿي هئي، جنهن بعد کيس گرفتار ڪري اٽڪ جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو
ٽرائل ڪورٽ کان سزا جي نتيجي ۾ اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ 5 سالن لاءِ نا اهل قرار ڏنو هو، اثاثا ڊڪليئر نه ڪرڻ تي عمران خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي هئي، عمران ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي چيلنج ڪيو هو
ڪالهوڪي ٻڌڻي جا تفصيل
چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل لطيف کوسه ۽ ٻيا عدالت جي سامهون پيش ٿيا
اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز به عدالت ۾ پيش ٿيو، امجد پرويز گذريل ٻڌڻيءَ تي طبيعت جي خرابيءَ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو هو
وڪيل علي ظفر چيو ته اسان ملاقات جي درخواست داخل ڪئي آهي، اها ٻڌي وڃي، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اميد آهي ته اڄ سزا معطلي جي درخواست تي فيصلو ٿي ويندو، اميد رکو
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته عدالت ته اها آبزرويشن ڏئي ڇڏي آهي، چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته مون چيو نه ته اڄ درخواست تي فيصلو ٿي ويندو
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز سزا معطليءَ جي درخواست تي دليل ڏنا، امجد پرويز عمران جي سزا معطلي جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته پبلڪ پراسيڪيوٽر کي به پهريان نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي، جنهن تي جسٽس عامر رمارڪس ڏنا ته شڪايت ته اليڪشن ڪميشن داخل ڪئي هئي رياست نه، ٽرائل ڪورٽ ۾ اوهان اها ڳالهه نه ڪئي، اوهان پهريون ڀيرو اهو چئي رهيا آهيو
اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ڀارتي عدالت جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته راهول گانڌي کي پرائيويٽ ڪمپلينٽ ۾ 2 سال سزا ٿي، راهول گانڌي سزا معطلي جي درخواست داخل ڪئي جيڪا خارج ڪئيوئي، عدالت فيصلو ڏنو ته سزا معطل ڪرڻ ڪوئي هارڊ اينڊ فاسٽ رول ناهي