اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خلاف توشاخانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو
مَي 12, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو، اسٽي آرڊر پڻ جاري ڪيو ويو. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق توشا خانه فوجداري ڪيس خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي استدعا ڪئي ته عدالت توشا خانه ڪيس ۾ فوجداري ڪارروائي تي اسٽي آرڊر جاري ڪري، عدالت خواجا حارث جي استدعا منظور ڪندي پيش ڪيل گذارشن کي آرڊر جو حصو بڻائي ڇڏيو، سيشن ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو ۽ ان تي شاهديون رڪارڊ ڪرڻيون هيون.