اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

مَي 16, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪيل اڳواڻ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٿري ايم پي او تحت گرفتاريءَ وارو ماجسٽريٽ جو آرڊر ڪالعدم قرار، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شيرين مزاري جي گرفتاريءَ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي، شيرين مزاري پاران زينب جنجوعا ايڊوڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته شيرين مزاري تي الزام آهي ته هن 9 مئي تي ڪارڪنن کي وڳوڙن لاءِ ڀڙڪايو، 9 مئي تي شيرين مزاري پنهنجي گهر ۾ هئي ۽ کيس اتان ئي گرفتار ڪيو ويو، ان دوران شيرين مزاري ڪو به بيان نه ڏنو، شيرين مزاري جي گهر ۾ موجودگي سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي ريڪارڊ مان ثابت ڪري سگهجي ٿي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

Leave A Comment