اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران فواد چوڌري کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اپريل 1, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي ضمانت تي آزاد ڪرن جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جھانگيري فواد چوڌري جي ضمانت جي دخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي وزير پاران وڪيل قيصر امام پيش ٿيو

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ ان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، فواد چوڌري جي ضمانت تي ان جي ڀاءُ فيصل چوڌري چيو ته خدشو آھي فواد چوڌري کي ڪنھن ٻئي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويندو. اميد آھي ته عدالتون غيرقانوني گرفتاري کان تحفظ ڏينديون

 واضع رھي ته جھلم ۾ زمين متعلق نيب ڪيس ۾ فواد چوڌري جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ قيد آھي

Leave A Comment