حڪومتي رپورٽ رد، جبري گمشدگي عوام جي وڏي توهين قرار، عدالت وزيراعظم کي اربع تي سڏائي ورتو

نومبر 22, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جبري گمشدگي بابت ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي طلب ڪري ورتو عدالت چيو ته ڪميشن جي سفارشن موجب، 55 گم ڪيل بلوچ شاگردن کي پيش ڪيو وڃي نه ته نگران وزيراعظم پيش ٿئي. عدالت بلوچ شاگردن کي بازياب نه ڪرائڻ تي نگران وزيراعظم کي 29 نومبر تي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بچاءَ واري وزارت، گهرو وزارت ۽ ٻنهي کاتن جي سيڪريٽريز کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت ۾ پيش ٿيو، کائنس عدالت پڇاڻو ڪيو ته دوگل صاحب! پهرين ته اوهان ٻڌايو ته ڪيس آهي ڇا ته جيئن صورتحال واضح ٿي سگهي. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته ڪيس جي 21 هين ٻڌڻي آهي، عدالت جي حڪم تي ڪميشن جڙي، ان ۾ سوال پيش ڪيا ويا، جبري گمشدگين وارو معاملو وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليو، رڳو هڪ نه 55 بلوچ شاگردن جو معاملو آهي. جسٽس محسن اختر چيو ته ملڪ جي وزيراعظم ڏانهن معاملو اُماڻيو هو، وزيراعظم کي پاڻ احساس ٿيڻ گهرجي ها، اسان سمجهيو ته هو اچي چوندو هي اسان جا ٻچڙا آهن، جيڪڏهن سندن خلاف ڪو ڪرمنل ڪيس هيو ته رجسٽرڊ ڪريو ها، اوهان رپورٽ پڙهو جيڪا اسان کي پيش ڪئي وئي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل عدالت کي ٻڌايو ته جيڪو به معاملو هوندو آهي لاڳاپيل وزارت ڏسندي آهي يا ماتحت ڪاميٽي ڏانهن موڪليو ويندو آهي، جنهن تي جسٽس محسن چيو ته عدالت کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، 21 هين ٻڌڻي تي به اتي بيٺا آهيون، اسان سمجهيو ته هوريان هوريان شيون تبديل ٿينديون ۽ ماڻهو واپس اچي ويندا. عدالت چيو ته هي رياست جي ذميواري آهي ۽ هئي ته رياست چوي ٿي ته هاڻي اِهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ آهن، اسان به گذريل ڪيئي ورهين کان اِهو ڏسي رهيا آهيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قائم  حڪومتي ڪاميٽي جي رپورٽ رد ڪندي چيو ته نگران وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪنداسين، نگران گهرو وزير ۽ نگران بچاءَ واري وزير کي به طلب ڪنداسين، انساني حقن بابت نگران وزير کي به سڏائينداسين، هي ڪم ايگزيڪٽيو جو هيو پر اِهو ڪم عدالت ڪري رهي آهي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ڇا اسان هي معاملو گڏيل قومن ڏانهن اُماڻيون، ڇا پنهنجي ملڪ جي بيعزتي ڪرايون؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل وزيراعظم کي طلب نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، سڀ مذاق بڻايو پيو وڃي، عوام جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي توهين هوندي ته انهن کي جبري طور گم ڪيو وڃي، 55 ماڻهن کي آڻيو نه ته وزيراعظم ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿئي، عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي نگران بچاءَ وزير ۽ نگران گهرو وزير به پيش ٿين، سندس پيشي سان ڪو فرق نه پوندو، اسان اسلام آباد ۾ ويهي بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ستن ڏينهن جو وقت ڏيان ٿو، گمشدگي ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد ڪريو. ڪيس جي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Leave A Comment