اسلام آباد وارا ٻڌي ڇڏين، پاڪستان کپي، نه کپي نه کپي ميان صاحب نه کپي: بلاول ڀٽو نعرو لڳائي ڇڏيو

فيبروري 3, 2024

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته اسلام آباد وارا ٻڌي ڇڏين پاڪستان کپي پر نه کپي نه کپي  ميان نواز شريف  نه کپي.  هو چوٿون ڀيرو ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي پر عوام سندس خواهش پوري نه ٿو ڪري سگهي،  شڪار پور ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن  8 فيبروري تي ٿيندي پر شڪارپور جي عوام جنهن جوش ۽ جذبي سان استقبال ڪيو آهي ته لڳي ٿو عوام پي پي جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اڄ واضح ٿي ويو ته شڪارپور جو عوام قائد عوام جي جماعت پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي، هن وڌيڪ چيوته  ٻيون سياسي پارٽيون فرقيواريت ۽ مذهب جي نالي تي نفرت جي سياست ڪن ٿيون جنهنجو نقصان عوام کي مهانگائي ۽ بدامني جي صورت ۾ برداشت ڪرڻو پوي ٿو هن وڌيڪ چيو ته  ميان صاحب چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي تياري ۾ آهي پر مان چوان ٿو ته نه کپي نه کپي ميان نواز شريف نه کپي، هن چيو ته اسان پوري دنيا مان پئسو گڏ ڪيو آهي ۽ تمام جلد سنڌ ۾ 30 لک گهر ٺاهي ڏينداسين، مونکي يقين آهي ته شڪارپور جو عوام  پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي 100سيڪڙو ووٽ ڪندو، هن وڌيڪ  چيو ته توهان کي گذارش آهي ته پي پي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي مخالفن مٿان تيرن جي برسات ڪريو مونکي اڪثريت ڏياريو جيئن مان وزير اعظم منتخب ٿي سگهان ۽ توهان جي ڀرپور خدمت ڪري سگهان، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو ته ملڪ کي بک بيروزگاري مهانگائي سميت سمورن مسئلن مان ڪڍڻ جو حل صرف پيپلز پارٽي وٽ ئي آهي، ريلي ۾ نثار کهڙو، سيد مراد علي شاه، سراج دراني، بابل ڀيو، عابد ڀيو، غوث بخش مهر، شهريار مهر، امتياز شيخ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

Leave A Comment