اسلام آباد وارن سان 18 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي سندن ذهنيت کان واقف آهيان، نه پاڻ ڪم ڪندا آهن نه ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا آهن: بلاول

جنوري 29, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد وارن سان 18 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، هنن جي ذهنيت کان واقف آهيان، اسلام آباد وارا نه پاڻ ڪم ڪندا آهن ۽ نه ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا آهن

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اقتدار ۾ اچي اشرافيه کي ملندڙ سبسڊيز ختم ڪري اهي پئسا عوام تي خرچ ڪندس

 مختلف سوالن جا جواب ڏيندي بلاول چيو ته حڪومت ملي ته وفاق جون 17 وزارتون ختم ڪندس، ملڪ کي معاشي بحران کانسواءِ موسمياتي تبديلي جا خطرا به آهن، اسان معاشي ماهرن سان گڏجي پنهنجو منشور ٺاهيو آهي

ٻئي طرف راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جو سن ۾ مباحثي وارو چئلينج قبول آهي، خبر ناهي ميان صاحب ڇو ڊڄي ٿو

 پ پ چيئرمين چيو آهي ته ميان صاحب جتي به مباحثو ڪرڻ گهري ٿو، اچي وڃي، آئون تيار آهيان، مون ميان صاحب کي مباحثي جو چئلينج ڏنو آهي، آئون سندس تقرير نه ٻڌندو آهيان

Leave A Comment