| اسلام آباد يونائيٽڊ حيدرآباد کي هارائي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو |
ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 11 ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ حيدرآباد ڪنگز کي 8 وڪيٽن تان هارائي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد ٽاس کٽي حيدرآباد کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، حيدرآباد جي پوري ٽيم 80 رنز تي آئوٽ ٿي وئي، رڳو عثمان خان 25 اسڪور ٺاهيو، اسلام آباد جي رچرڊ گليسن، شاداب ۽ عماد وسيم 3-3 وڪيٽون ورتيون، اسلام آباد يونائيٽڊ 81 رنز جو هدف سولائي سان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي ستين اوور ۾ پورو ڪري ورتو، محسن رياض 42 اسڪور ٺاهيو، سمير منهاس 27 رنز ڪيون، اسلام آباد يونائيٽڊ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي، پشاور زلمي ۽ ملتان سلطانز به پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.