| اسلام آباد پاران تعليم ۽ پاپوليشن وٺڻ غلط آهي، سنڌ جا حق ڇنڻ تي رد عمل ايندو: بلاول |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته اسلام آباد تعليم ۽ پاپوليشن کاتا واپس وٺڻ چاهي ٿو، اهو قدم غلط آهي. سي سي آءِ ۾ تعليم جي بهتري ۽ پاپوليشن پلاننگ تي ڳالهيون ڪيون وڃن، سنڌ جا حق ڇنڻ تي رد عمل ايندو، ڀلي ڪهڙي به وضاحت ڏني وڃي، 18 ھين ترميم اڳ ادارن جي ڇا صورتحال ھئي ۽ اڄ ادارن جا ڪم ڏسو ؟ صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت وري ملڪ جي عوام جي خدمت پئي ڪري، وفاقي سرڪار ڪو ھڪ اھڙو کاتو ٻڌائي جنهن ۾ ڪمال جو ڪم ٿيو ھجي، پوءَ ڀلي اسان کان تعليم به واپس وٺي، سنڌ حڪومت عالمي سطح جا ادارا قائم ڪيا آھن،اهي ادارا کسڻ جي ڪوشش تي ردعمل ايندو، وفاق تعليم ۽ پاپوليشن وٺڻ چاھي ٿو پر سنڌ ۾ خانداني منصوبابندي تي بھتر ڪم ٿي رھيو آھي ،سنڌ جھڙا ترقياتي منصوبا ٻيو ڪو صوبو متعارف ڪرائي نٿو سگھي. ڪالهه ايس آءِ يو ٽي جي شاھراھ فيصل تي قائم ڪيل برانچ جي افتتاح کانپوءِ ڳالهائيندي ھن چيو ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جي خدمتن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي ـ صحت جي شعبي ۾ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي جيڪو ڪم ڪري پئي، اھو ايس آءِ يو ٽي اڪيلو ڪري رھي آھي، هن چيو ته پ پ ڊاڪٽر اديب رضوي سان گڏجي سرگوڌا ۽ رحيم يار خان ۾ ايس آءِ يو ٽي سينٽر قائم ڪندي۔ ھن چيو ته اسان صوبي ۾ صحت جو ڄار وڇايو آهي۔پاڪستانين کي مفت صحت جو علاج فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن جي مثال دنيا ۾ نٿو ملي، اسان ھتي فائيو اسٽار هوٽل کي فائيو اسٽار صحت جي سهولت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، 18 ترميم کان اڳ ۽ پوءِ سرڪاري اسپتالن جي حالت سڀني جي سامهون آهي، اڄ اين آءِ سي وي ڊي دنيا جو سڀ کان وڏو دل جي مريضن جي مفت علاج جو نيٽ ورڪ آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ ايس آءِ يو ٽي هڪ اهم منصوبو آهي، بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ پڻ ايس آءِ يو ٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اها 2027ع ۾ فنڪشنل ٿيندي، هن چيو ته انڊس فائونڊيشن بدين ۽ ٻين ضلعن ۾ سٺو ڪم ڪري پئي، دنيا جي مھانگي ترين سائبر نائف ٽيڪنالاجي ذريعي ڪراچي ۾ مفت علاج عوام تائين پهچائي رهيا آهيون ڪي پي جي پوري بجيٽ ھيلٿ ڪارڊ تي خرچ ڪئي پر اھو ماڊل درست نه ھو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نئون قائم ڪيل ڊائلاسس ۽ ليٿوٽرپسي سينٽر سنڌ حڪومت جي اٽل عزم جي علامت آهي ته هر شهري کي معياري علاج جي سهولت بنيادي حق طور فراهم ڪئي وڃي. موجوده مالي سال ۾ صحت کاتي جي غير ترقياتي بجيٽ 343 ارب ۽ ترقياتي بجيٽ 424 ارب رپيا آهي۔ ايس آءِ يو ٽي چيف ڊاڪٽر اديب رضوي چيو ته صحت ۽ تعليم سڀني جو بنيادي حق آھي ، سنڌ مان سخاوت ختم ناهي ٿي، سنڌ سدائين ڏنو آھي ۽ ڏيڻ وارن مان آھي، ڪڏهن وٺندڙن ۾ ناھي رھي ان موقعي تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.