اسلام آباد کي ملڪ جو پهريون ڪيپيٽل سمارٽ سٽي ٺاهڻ جو اعلان: ايم ٽيگ بنا گاڏين جي داخلا بند

اسلام آباد کي ملڪ جو پهريون ڪيپيٽل سمارٽ سٽي ٺاهڻ جو اعلان: ايم ٽيگ بنا گاڏين جي داخلا بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان جو پهريون شهر اسلام آباد ڪيپٽل سمارٽ سٽي ٿيندو. پهرين جنوري کان اسلام آباد ۾ ايم ٽيگ کان بنا گاڏين جي داخلا تي پابندي هوندي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد سيف سٽي کي ڪيپٽل سمارٽ سٽي بڻائڻ لاءِ جامع پلان لاڳاپيل اختيارين کان طلب ڪري ورتو. گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سيف سٽي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي ڊجيٽل وال تي اسلام آباد شهر جي مانيٽرنگ سسٽم ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي امن امان لاءِ کنيل قدمن ۽ ڪنٽرول روم ۾ خاص چيني ڊيسڪ تي سيڪيورٽي سرويئلنس جو معائنو ڪيو۔گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سيف سٽي هيڊڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس دوران شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ بابت کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو۔ گهرو وزير محسن نقوي، ڪيپٽل سمارٽ سٽي منصوبي تي ڪم تيزي سان مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون۔ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪيپٽل اسمارٽ سٽي ۾ شهري سهولتون جهڙوڪ ريسڪيو 1122، ٽريفڪ، سيڪيورٽي ۽ سي ڊي ايم اي کي مرڪزي نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪيپٽل سمارٽ سٽي جي دائري ۽ اسڪوپ کي سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو. اسلام آباد کي محفوظ ترين شهر بڻائڻ لاءِ ڪيپٽل سمارٽ سٽي منصوبي کي ماڊل بڻايو ويندو. آءِ جي اسلام آباد پوليس سيف سٽي مان ڪيپٽل سمارٽ سٽي ڏانهن منتقلي بابت معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته محرم الحرام دوران سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان وقت ۽ وسيلن جي بچت ٿي۔ ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا۔ ٻئي طرف پهريان جنوري کان اسلام آباد ۾ بنا ايم ٽئگ گاڏين جي داخلا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گهرو وزير جي حڪمن تي بنا ايم ٽيگ گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. ڊي سي اسلام آباد سڀني ايم ٽيگ پوائنٽن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڊي سي اسلام آباد عرفان ميمڻ مطابق شهر ۾ ايم ٽيگ لاءِ مختلف هنڌن تي 16 پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن۔ 14 نومبر کان هن وقت تائين مجموعي طور لڳ ڀڳ هڪ لک گاڏين کي ايم ٽيگ جاري ڪيا ويا آهن. بنا ايم ٽيگ گاڏين جي سڃاڻپ ٽيگ ريڊرز جي مدد سان ڪئي ويندي۔ ٽيگ ريڊرز مختلف داخلي پوائنٽن ۽ ناڪن تي نصب ڪيا ويا آهن. پهرين جنوري کان جيئن ئي ٽيگ ريڊرز فعال ٿيندا، بنا ايم ٽيگ گاڏين خلاف ڪاروائي شروع ڪئي ويندي. ڊي سي اسلام آباد عرفان ميمڻ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به قانوني مسئلي کان بچڻ لاءِ فوري طور پنهنجي گاڏي تي ايم ٽيگ لڳرائين۔