اسلام آباد ڳالھيون: ڇا ورلڊ آرڊر بدلجي رهيو آهي؟ … جاويد ڀٽي

                 هن جنگ ڪيترن ڏهاڪن کان قائم عالمي طاقتن جي World Order کي لوڏي ڇڏيو آهي. تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو وچ اوڀر جي ڏهاڪو سالن کان پابندين جي شڪار، ڪمزور ۽ ڪٽر مذهبي ملڪ (ايران) دنيا جي سپر پاور ۽ وچ اوڀر جي سپر مين آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل فوجي طاقت، جنهن کي ان ملڪ جي عرب اتحادين سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي فوجي ۽ مالي مدد به شامل هئي، مڙسي سان مقابلو ڪري پنهنجي شرطن تي ڳالهين جي ميز تي اچڻ تي مجبور ڪيو آهي. ان مغربي تسلط جي خاتمي ۽ نئين گهڻ قطبي Multipolar کي عالمي نظام جي شروعات طور ڏٺو پيو وڃي، جتي هاڻ خطي جا فيصلا صرف واشنگٽن ۾ نه ٿيندا.

                 ٽرمپ انتظاميا 28 فيبروري تي اسرائيلي وزير اعظم نتن ياهو جي صلاح سان ايران خلاف ”آپريشن ايپڪ فيوري“ نالي تي هوائي حملن سان شروعات ڪئي. جنهن جو مقصد ايران جي ايٽمي، فوجي صلاحيت، هوائي ۽ سامونڊي طاقت جو خاتمو هو. ٽرمپ ان جنگ کي سوشل ميڊيا تي به ڀرپور نموني وڙهيو، ڪڏهن “ايراني عوام جي آزادي جي گهڙي اچي وئي. عوام احتجاج ڪري ٻاهرين مدد اچي رهي آهي. … ايراني قيادت کي ختم ڪري نئين تبديلي، سفارتڪارن جي وفادارين کي خريد ڪرڻ، هرمز وارو سامونڊي لنگهه نه کوليو ويو ته ايران جي 6 هزار سال پراڻي تهذيب کي تباهه برباد ڪري ڇڏيندس“ جهڙيون ڌمڪيون ڏيندو رهيو. پر مهيني کان وڌيڪ جنگ اهڙي هلي جو ايران آيت الله خامنہ اي سميت پنهنجي سمورن 40 فوجي، انٽيليجنس ۽ سياسي اڳواڻن جي جاءِ تي نوان چهرا کڻي آيو، جيڪي انهن کان وڌيڪ سخت نڪتا. ٽرمپ ايرانين کي جيڪي ڌمڪيون ڏنيون اهي اونڌيون ثابت ٿيون ۽ ايراني عوام پنهنجي نئين قيادت سان گڏجي بيهي رهيو. جواب ۾ ايران جوابي حملا ڪري عالمي معيشت کي گوڏن تي آڻي ڇڏيو.

اپريل ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ٻنهي ملڪن جي چوڏهن ڏينهن جي جنگ بندي ٿي. آمريڪا 15 ۽ ايران 10 مطالبا رکيا، جنهن ۾ لبنان جي جنگ بندي کي به ان جو حصو قرار ڏنو ويو، پر ان جي ٻئي ڏينهن اسرائيل لبنان تي 10 منٽن ۾ 100 هنڌن تي بمباري ڪري ٽي سئو ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو. 5 هزار عمارتون تباهه ڪري ڇڏيون. عالمي سطح تي گوڙ ٿيو، آمريڪا ۽ اسرائيل پريشاني جو شڪار ٿيا. اها جنگ بندي ٽرمپ لاء ”جنگ مان نڪرڻ جو رستو“ نه پر هن لاء هڪ ”لائيف سيونگ ايجيڪشن سيٽ“ ثابت ٿي. ايران جي مزاحمت آمريڪا جي فوجي برتري واري تصور کي چئلينج ڪري ڇڏيو. ان جنگ هاڻ آمريڪا کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجا فيصلا دنيا تي نه ٿو مڙهي سگهي. هڪ ڪمزور ملڪ جو ائين پير ڄمائي بيهڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته هاڻ آمريڪي هڪ هٽي نه هلندي. ان جنگ کي ڪڏهن به عالمي حمايت حاصل ناهي رهي. اتحادين جي کوٽ سبب به ان آپريشن کي اها ڪاميابي نه ملي سگهي، جنهن جي اجي اميد ڪري رهيا هئا. ڌمڪيون جاري آهن، ته اسان وري جهاز ۽ بم تيار ڪري رهيا آهيون.

الجزيره جي پروگرام پوسٽ ڪارڊ ماهرن ان صورتحال کي ”ٽرمپ جي ناڪام مهم“ قرار ڏيندي چيو آهي ته واشنگٽن تهران کي ڪمزور ڪرڻ بجاءِ ان کي نئين علائقائي طاقت طور اڀاري عالمي نظآم کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. عالمي تجزيا ڪار رامي خوري پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته ھن جنگ آمريڪا جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. آپريشن ناڪام ويو آهي. آمريڪي جنگي ٻيڙا ايران تباهه ڪري ڇڏيا آهن. ٽريلين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. عرب به معاوضو گهري رهيا آهن. ان ڪري اها جنگ بندي اصل ۾ ٽرمپ لاءِ هڪ تاريخي شڪست آهي. هيءُ جنگ ”آمريڪي غرور جي پڄاڻي“ آهي. ٽرمپ انتظاميا ۽ وائيٽ هائوس وارن کي وري ويٽنام ياد اچي رهيو آهي. عرب ملڪ به نوان اتحادي ڳولهي رهيا آهن. عرب ملڪ چون ٿا ته آمريڪا اسان کي نه پر اسان آمريڪا کي بچائي رهيا آهيون.

عالمي مبصر مروان بشاره ان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته هاڻ اسان آمريڪا کانپوءِ واري دنيا “ ۾ داخل ٿي چڪا آهيون. چين ۽ روس جي خاموش ڊپلوميسي دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سستن ڊرون ۽ اسمارٽ ميزائلن سائبر جنگ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي مات ڏني آهي. ايران جي ثابت قدمي هاڻ دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ايران صرف هڪ سامونڊي لنگهه بند ڪري پوري دنيا کي گوڏن ڀر جهڪائي ڇڏيو، اها جنگي حڪمت عملي آهي.

هن جو چوڻ آهي ته ايران جا 10 نقطا تسليم ڪرڻ به ايران جي سفارتي محاذ تي ڪاميابي آهي. اسرائيل هن وقت به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا سڌي جنگ کان پاسو ڪري رهيو آهي. سندن اتحادي گهٽجي رهيا آهن. ايران علائقائي طاقت طور اڀري رهيو آهي. عالمي معيشت هاڻ تيل جي حوالي سان نوان رستا ڳولهڻ شروع ڪيا آهن. ان ڪري اها جنگ عالمي سياست جي تاريخ جو هڪ وڏو موڙ آهي.

عالمي مبصر رچرڊ گيزٽ جو چوڻ آهي ته، ”ٽرمپ ميڊيا ذريعي ”جعلي فتح“ جو جيڪو تاثر ڏنو، اهو ڌوڙ ٿي ويو آهي. آمريڪي جنگي جهازن جو ڪميونيڪيشن سسٽم تباهه ٿي ويو. پروپئگنڊآ جنگ ۾ عالمي اڳواڻن سميت دنيا جو ڪو به ماڻهو هنن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ جيڪڏهن ايران انهن ڏهن نڪتن مان صرف هڪ نقطو ته خليج مان آمريڪي اڏا فورن ختم ڪيا وڃن، مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوء آمريڪا ڇا ڪندو. ان ڪري منهنجي راءِ ۾ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي اڻڄاڻاتي تي ٻڌل آهي. ايران هاڻ عراق، لبنان ۽ يمن تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ويو آهي. عالمي مالياتي ادارا آء ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ پريشان آهن ته ان جنگ سان عالمي معيشت تباهه ٿي ويندي. آمريڪا ايران جو ايٽمي پروگرام ته بند نه ڪرائي سگهيو پر پنهنجا تيل جا رستا بند ڪرائي ويٺو. چين ۽ روس ايران جي ويجهو ٿي ويا ۽ نيٽو آمريڪا کان پري ٿي ويو.

2026 جو هي تڪرار رڳو ٻن ملڪن جي جنگ ناهي، پر ان پوري خطي جي سياست کي پاڙئون پٽي ڇڏيو آهي. اسرائيل لبنان کي ڇڏڻ لاءِ تيار ئي ناهي. عرب ملڪ “تيل جي بدلي سيڪيورٽي” واري پراڻي آمريڪي معاهدي تي ٻيهر غور ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ايران ۽ سعودي عرب هنگامي رابطا شروع ڪيا آهن. پاڪستان اهم مرڪز بڻجي ويو آهي، ترڪي، مصر، عرب ملڪن سان نئين نيٽو طرز واري اتحاد تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ چين جو مرڪزي ڪردار آهي. عرب هاڻ واشنگٽن کان پاسيرا ٿي ايران ۽ چين سان معاهدا ڪندا ۽ ايران سولائي سان هرمز وارو سامونڊي لنگهه نه کوليندو.

دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽياڪڙن جي چوڻ تي آمريڪا وچ اوڀر جي ڪجهه حساس علائقن مان فوجي دستن کي واپس ڪرڻ جي شيڊيول ڏيڻ تي راضي ٿيو آهي. ايران آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته مٿس سموريون پابنديون فورن هٽايون وڃن، جيئن هو پنهنجو تيل عالمي مارڪيٽ ۾ وڪڻي سگهي. غزه مان اسرائيل فورن نڪري لبنان تي حملا بند ڪري. ايران جي سياسي نظام جي تبديلي واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي.

ايران حوثي ۽ سعودي عرب وچ ۾ امن ٺاهه جي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر حوثين تان سامونڊي ناڪابندي ختم ڪئي وڃي. ان ٺاهه جي ضمانت روس، چين ۽ پاڪستان ڏيندا، جيئن آمريڪا پهرين جيان ”نيوڪليئر ڊيل“ تان ڦري نه وڃي. آمريڪا سان هڪ نئون معاهدو ٿئي، جنهن ۾ هڪ ٻئي جي بنيادي ڍانچن ( پاڻي، بجلي ۽ بينڪن) تي سائبر حملا نه ٿيندا. هي فريم ورڪ ثابت ڪري ٿو ته ايران هاڻي رڳو پنهنجي بقا جي جنگ نه پيو وڙهي پر هو لبنان، يمن ۽ فلسطين جي وڪيل طور سامهون آيو آهي.

عالمي اخبارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن ڳالهين مان ثابت ٿي ويو آهي ته ٽرمپ ”آمريڪا فرسٽ“ نه پر ”آمريڪا الون“ ٿي ويو آهي. گڏيل قومن وارو ادارو جيڪو ٻئين عالمي جنگ کانپوءِ جڙيو هو، اهو هاڻي مري چڪو آهي. هاڻي هڪ نئين دنيا جنم وٺي رهي آهي، جتي آمريڪا جو اڪيلو تسلط ناهي پر طاقت جا ڪيترائي مرڪز (چين، روس، ايران، انڊيا) موجود آهن.” روس چاهي ٿو ته آمريڪا هن جنگ ۾ ايترو ڦاسي وڃي جو هو يورپ تان پنهنجو هٿ کڻي وڃي. اتر ڪوريا به آمريڪا کي سيکت ڏيڻ لاءِ ايران جي ايرو اسپيس ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ ڪافي مدد ڪري دنيا کي حيران ڪيو آهي.

ماهرن موجب، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ جنگ بندي ڳالهيون رڳو انساني همدرديءَ لاءِ ناهن، پر ٻنهي ڌرين لاءِ هڪ “اسٽريٽجڪ ري سيٽ” آهي.

ٽرمپ کي اندازو ٿيو ته ايران جي ميزائل طاقت آمريڪي بحري ٻيڙن کي ٻوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ايران هن وقفي کي استعمال ڪري پنهنجي تيل سپلائي کي روڊ رستي بحال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ايڊورڊ لوس لکي ٿو ته ٽرمپ جي ايران پاليسي آمريڪا کي پنهنجي يورپي اتحادين کان ايترو پري ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻي آمريڪا کي “پاڪستان جي ٽياڪڙيء” جي ضرورت پئجي رهي آهي. جيڪڏهن اسلام آباد ڳالهيون ناڪام ٿيون ته پوءِ اها جنگ ايران نه پر ٻين ملڪن سميت سڄي دنيا جي معيشت تائين ڦهلجي ويندي. هي وقفو دراصل هڪ خطرناڪ تياري آهي. نيتن ياهو جي اڪيلائپ کيس وڌيڪ جارحاڻو بڻائي سگهي ٿي، جڏهن ته ٽرمپ جي “آمريڪا فرسٽ” پاليسي کيس جنگ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تڙپائي رهي آهي. ايران هن صورتحال ۾ “ويٽ ۽ سي” جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي.

 چيٿم هائوس ۽ ٻين عالمي ماهرن ان کي “فيصلائتو موڙ” قرار ڏنو آهي. تجزيه نگار اينڊريو مٽروويڪا موجب، ايران هن جنگ ۾ سخت نقصان کنيو آهي پر ان جو وجود برقرار رهڻ ئي آمريڪا- اسرائيل اتحاد جي “اسٽريٽجڪ شڪست” آهي. هن تڪرار عالمي طاقت جي توازن کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاڻي دنيا جو اهو مرڪز بڻجي ويو آهي جتي آمريڪا ۽ ايران پنهنجي مستقبل جا فيصلا ڪري رهيا آهن. يورپ هن وقت هڪ وڏي بحران ۾ آهي. اسرائيل کي ڊپ آهي ته آمريڪا جي واپسي کيس خطي ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيندي، جنهن ڪري هو ايران جي نيوڪليئر سائيٽس تي اڪيلي سر حملي جي ڌمڪي به ڏئي رهيو آهي.

وائيٽ هائوس ۾ بيچيني ڦهليل آهي. سندس انتظاميا ۾ ڪجهه ماهر کيس جنگ ختم ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن، ڪانگريس ۽ سينيٽ وڌيڪ پيسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ  اسلام آباد ۾ ٿيندڙ امن ڳالهيون اهو فيصلو ڪنديون ته هي جنگ مستقل طور تي ختم ٿيندي يا وري ٽرمپ وڌيڪ جارحاڻي ڪارروائي ڪندو. في الحال، دنيا هڪ ”خطرناڪ وقفي“ ۾ آهي، جتي ڪنهن به وقت صورتحال بدلجي سگهي ٿي.