اسلام آباد ۾ افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون: 19 هزار گرفتار

اسلام آباد ۾ افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون: 19 هزار گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزارت جي هدايتن تي اسلام آباد ۾ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري. ڪاررواين دوران 19 هزار 504 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جاري مهم تحت 9 هزار 803 افغان شهرين کي وطن واپس اماڻيو ويو. چيڪنگ کان پوءِ 9 هزار 545 شهرين کي آزاد ڪيو ويو. ملڪ بدر ڪيل افغان شهرين ۾ 5 هزار 45 مرد شامل آهن، جڏهن ته 2 هزار 191 عورتن کي به وطن واپس موڪليو ويو. اسلام آباد پوليس 2 هزار 567 ٻارن کي به افغانستان موڪليو آهي. گهرو وزارت مطابق اسلام آباد پوليس کي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ افغان شهرين کي رورل زون مان گرفتار ڪيو ويو.