اسلام آباد ۾ ايئرفورس آفيسر ڇوڪري کي بچائيندي قتل

اسلام آباد ۾ ايئرفورس آفيسر ڇوڪري کي بچائيندي قتل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي شاهين چوڪ ۾ ڇوڪريءَ کي زبردستي  ڪار ۾ ويهارڻ کان منع ڪرڻ تي هٿياربند جوابدار پاڪ فضائيه جي آفيسر کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب اڻڄاتل جوابدار نوجوان ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڪار ۾ زبردستي ويهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته رستي تان گذرندڙ پاڪ فضائيه جي آفيسر جنهن جي سڃاڻپ عاصم طارق جي نالي سان ٿي انهي جوابدار کي روڪيو، جوابدار انهي دوران پاڪ فضائيه جي آفيسر تي فائرنگ ڪري ڏني. ذريعن موجب پاڪ فضائيه جو آفيسر فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته جوابدار واقعي واري هنڌن ڪار ۾ ويهي فرار ٿي ويو، ڇوڪريءَ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ نمرا جي نالي سان ٻڌائي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪري وئي آهي، فرار ٿيل جوابدار کي بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو.