اسلام آباد ۾ ايڌي سينٽر بند ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ناهي ٿي: انتظاميا

اسلام آباد ۾ ايڌي سينٽر بند ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ناهي ٿي: انتظاميا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آبپارہ اسلام آباد ۾ ايڌي آفيس بند ٿيڻ جي خبرن بابت ضلعي انتظاميا اسلام آباد جو موقف سامهون اچي ويو. ترجمان مطابق آبپارا ۾ ايڌي سينٽر جو رڳو ڪنٽرول روم قائم آهي، جيڪو سي ڊي اي جي ملڪيت واري جاءِ تي قائم ڪيو ويو آهي. ايڌي فائونڊيشن سان 1990ع ۾ 10 سالن جو معاهدو ڪيو ويو هو  جيڪو 2000ع ۾ ختم ٿيڻ بعد اداري کي جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، گذريل 26 سالن دوران ايڌي انتظاميه کي ڪيترائي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا. ضلعي انتظاميه پاران سينٽر کي اسلام آباد جي علائقي ايڇ 8 ۾ متبادل جاءِ فراهم ڪئي وئي آهي، جتي ڪنٽرول روم منتقل ڪرڻ لاءِ رمضان کان اڳ ايڌي انتظاميا ٻن مهينن جي مهلت گهري هئي ۽ عيد کان پوءِ منتقل ٿيڻ جي خاطري ڪرائي هئي. انتظاميا طرفان هن وقت تائين جاءِ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، ڪنٽرول روم بند ٿيڻ بابت خبرون پڻ ميڊيا ذريعي معلوم ٿيون آهن.