| اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون مسلسل چوٿون ڀيرو ملتوي، شيڊول واپس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد بلدياتي چونڊون مسلسل چوٿون ڀيرو ملتوي، اليڪشن ڪميشن شيڊول واپس وٺي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ٿي ويون، اميدوارن جي محنت ۽ لکين رپين جو خرچ ضايع ٿي ويو آهي، وفاقي گادي واري شهر ۾ فيبروري 2021 کان وٺي اهن وقت تائين ڪا به مقامي حڪومت موجود ناهي، جنهن سبب شهرين جي سڌي نمائندگي معطل رهي آهي. حڪومت ترميمي آرڊيننس ذريعي مقامي حڪومت جي ڍانچي ۾ تبديلي ڪئي، اليڪشن ڪميشن 1125 وارڊن لاءِ 4200 اميدوارن کان نامزدگي فيس وصول ڪئي، جيڪا ناقابل واپسي آهي. چونڊون ٻيهر ملتوي ٿيڻ نه صرف اميدوارن پر عام شهرين ۾ به ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي