اسلام آباد (بيورو رپورٽ) بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي اسلام آباد پريس ڪلب آڏو جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ماهه رنگ بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي 27 جنوري تي بلوچستان ۾ جلسو ڪنداسين ،اڄ اسان پنهنجي تحريڪ جي چوٿين مرحلي جي پڄاڻي جو اعلان ڪريون ٿا
هن چيو ته ان ڌرڻي جي خاتمي جي اعلان سان گڏ ئي اسان پنهنجي تحريڪ جي پنجين مرحلي جو اعلان ڪريون ٿا، ايندڙ مرحلي ۾ اسان سوشل ميڊيا ۽ ٻين چينلز ذريعي پنهنجي تحريڪ جي آواز کي وڌيڪ اجاڳر ڪنداسين
ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪندي سندس چوڻ هو ته 27 جنوري تي ڪوئيٽا ۾ جلسو ڪيو ويندو،بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي پاران بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ گذريل مهيني کان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو هو