اسلام آباد ۾ تاريخي اڳڀرائي: ايران آمريڪا ۾ 47 سالن بعد سڌيون ڳالهيون: 3 دور مڪمل : مستقل جنگبندي، آبناءِ هر مز  کولڻ، يورينيم رچاءُ  تي بحث: ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ تاريخي اڳڀرائي،  ايران آمريڪا ۾ 47 سالن بعد سڌيون ڳالهيون شروع ٿي ويون،  3 دور مڪمل ، مستقل جنگبندي، آبناءِ هر مز  کولڻ، يورينيم رچاءُ  تي بحث ڪيو ويو، ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. تفصيل موجب پاڪستان جي ميزباني هيٺ فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگي ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تاريخي ڳالهيون شروع ٿي ويون، نائب صدر جي ڊي وينس جي اڳواڻي ۾ آمريڪي وفد ۾ اسٽيو وٽڪوف، جيرڊ ڪشنر ۽ اسپيڪر پارليامينٽ باقر قاليباف جي اڳواڻي ۾ ايراني وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي به شامل آهن،  ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي پهرين دور ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن جي ڌار ڌار ملاقات ٿي جنهن ۾ ڳالهين لاءِ ايس او پيز ۽  ايجنڊا تيار ڪئي وئي، جنهن بعد آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سان سڌيون ڳالهيون ڪيون، اسٽيو وٽڪوف، جيرڊ ڪشنر ۽ عباس عراقچي به شامل هئا. ٻئي طرف ايراني وفد پاران مستقل جنگبندي ڪرڻ لاءِ  معاهدي تي زور ڀريو ويو، آمريڪي وفد طرفان آبناءِ هرمز کي مڪمل کولڻ ۽ سمورن ملڪن جي جهازن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ مڪمل تحفظ سان گذرڻ جي اجازت هئڻ ۽ ايران جو  ائٽمي پروگرام سميت يورنيم جو وڌيڪ رچاءُ بند ڪرڻ وارا معاملا اٿاريا ويا، تاريخي ڳالهين جي ٻئين دور مڪمل ٿيڻ بعد رات جي ماني جو وقفو ڪيو ويو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي ملڪن جي قيادت سان رابطو ڪيو، جي ڊي وينس صدر ٽرمپ کي ڳالهين بابت مڪمل بريفنگ ڏني، باقر قاليباف ايراني صدر مسعود پزشڪيان کي ٽيليفون رستي  آگاهي ڏني ڳالهين جي ٽئين دور ۾ ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل وفد جي پڻ شرڪت، ايران جي ائٽمي پروگرام بابت ماضي ۾ ٿيل عالمي معاهدن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي سان  لکت وارن مسودن جي ڏي وٺ ڪئي، ڳالهين دوارن انتهائي خوشگوار ماحول هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. ٻئي طرف قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون مثبت رهيون ته ڳالهيون اڄ به جاري رهي سگهن ٿيون، ڳالهين جي عمل دوران ٻنهي ملڪن جا وفد پنهنجي پنهنجي قيادت سان به رابطي ۾ آهن ۽ مشاورت ڪري رهيا آهن، وفد ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پنهنجي قيادت کان اجازت به وٺندا.  هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ 47 سالن کان ڇڪتاڻ جاري آهي پاڪستان ٻنهي ملڪن کي هڪ ميز تي آندو آهي، کين ڪٿي رڪڻو آهي ۽ ڪيترو اڳتي وڌڻو آهي ٻنهي ڌرين کي پنهنجي پنهنجي قيادت سان مشاورت بعد ئي فيصلو ڪرڻو آهي. ان کان اڳ  آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس جي قيادت ۾ آمريڪي وفد ۽ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف جي قيادت ۾ ايراني وفد اسلام آباد پهتا، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير، گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻين مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، آمريڪي وفد ۾ خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر شامل آهن جڏهن ته  ايراني وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي شامل آهن