| اسلام آباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن: ايف سي ڪيمپ آفيس ڊاهي پٽ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن جاري، ميرٽ ۽ ايوب چوڪ ويجهو گرين بيلٽ تي قائم ايف سي ڪيمپ آفيس به ڊاهي پٽ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪنهن به سرڪاري يا نجي اداري کي سرڪاري زمين تي اڏاوتن يا قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي. اسلام آباد کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ تجاوزات جو مڪمل خاتمو ترجيح آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ حددخلين خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن جاري رهندو. غير قانوني اڏاوتن حددخلين کي بنا ڪنهن دٻاءَ هٽايو ويندو. ايف سي ڪيمپ آفيس لاءِ متبادل قانوني جاءِ فراهم ڪئي ويندي. حددخلين ۽ قبضا مافيا خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي آهي. ڪنهن به سرڪاري يا نجي اداري کي سرڪاري زمين تي اڏاوتن يا قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي. اسلام آباد کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ تجاوزات جو مڪمل خاتمو ترجيح آهي. چيئرمين سي ڊي اي به ان موقعي تي موجود هئا.