| اسلام آباد ۾ حساس هنڌ عام شهرين لاءِ بند: ايڊوائزري جاري |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي شهرين لاءِ جاري ڪيل ايڊوائزريءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ايڪسپريس هاءِ وي ۽ سرينگر هاءِ وي تي ڊائيوَرشن لڳايا ويندا، مري روڊ کان ڪلب روڊ ۽ ريڊ زون تائين ٽريفڪ لاءِ ڊائيوَرشن لاڳو ڪيا ويندا، انهن شاهراهن تي سموري پبلڪ ٽرانسپورٽ جي داخلا بند هوندي. ٽرانسپورٽرن کي گذارش آهي ته هو بس اسٽاپس يا لوپس تي بيهڻ کان پاسو ڪن. ريڊ زون ۽ وڌايل ريڊ زون هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند رهندو. ڪشمير چوڪ کان ڪلب روڊ ذريعي زيرو پوائنٽ، سرينگر هاءِ وي، سرينگر هاءِ وي، زيرو پوائنٽ کان سرينا چوڪ طرف، شڪرپڙيان روڊ، چاند تارا چوڪ کان سيونٿ ايونيو طرف، جناح ايونيو، خيابان چوڪ کان بليو ايريا طرف، فيصل چوڪ کان ٽريل 3 تائين مارگلا روڊ ٽريفڪ لاءِ بند رهندا. شهرين کي گذارش آهي ته ايمرجنسي کانسواءِ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. شهري متبادل ٽريفڪ پلان مطابق سفر ڪري سگهن ٿا.