| اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت: مختلف علائقن ۾ آپريشن |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا. اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي گڏيل گرينڊ ڪومبنگ سرچ آپريشن جاري رهيو. ٿاڻي ڪورال،رمنا، سنگجاني، مارگلا، کنہ، انڊسٽريل ايريا، بارا ڪهو، گولڙہ ۽ ٿاڻو همڪ جي علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو. جنهن دوران سرچ آپريشن ۾ 867 ماڻهن ۽ 464 گهرن کي چيڪ ڪيو ويو. سرچ آپريشن دوران 35 هوٽلن ۽ 86 دڪانن کي چيڪ ڪيو ويو. 373 موٽر سائيڪلن ۽ 125 گاڏين جي جانچ پڙتال ڪئي وئي. 24 مشڪوڪ ماڻهن ۽ 27 موٽر سائيڪلن کي وڌيڪ جانچ پڙتال لاءِ لاڳاپيل ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. سڀئي پيٽرولنگ يونٽس ۽ خصوصي اسڪواڊ شهر ڀر ۾ گشت ڪري رهيا آهن. سينئر آفيسرن فيلڊ ۾ موجود رهي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.