اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ: حساس هنڌن جي سخت نگراني

اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ: حساس هنڌن جي سخت نگراني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايران آمريڪا امن ڳالهين متعلق سيڪيورٽي قدم وڌيڪ سخت ڪيا ويا. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڊويزن جي پنجن ضلعن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن شروع ڪيو ويو. وفاقي گادي واري هنڌ ۾ سبزي منڊي، فيض آباد، ترنول، شهزاد ٽائون، همڪ ۽ ڪراچي ڪمپني، راولپنڊي جي پيرودھائي، نور خان ايئربيس، حاجي ڪيمپ، ٽيڪسلا ۽ مري، جهلم، چڪوال ۽ اٽڪ جي مختلف علائقن ۾ گڏيل ڪارروائيون جاري آهن. پوليس، رينجرز، سي ٽي ڊي ۽ انٽيليجنس ادارن جو گڏيل فريم ورڪ فعال ڪيو ويو آهي، اهم ٽرانزٽ پوائنٽن، رهائشي علائقن ۽ حساس هنڌن تي نگراني سخت ڪئي وئي آهي. انٽيليجنس بنيادن تي اسڪريننگ، رهائشي ڪاغذن جي تصديق ۽ داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن تي چيڪنگ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب سيڪيورٽي ۽ عوامي تحفظ لاءِ قدم مرحليوار جاري رهندا، شهرين کان سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آهي.