اسلام آباد ۾ شاپينگ مال رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم جاري

اسلام آباد ۾ شاپينگ مال رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪاروباري وقت بابت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال رات 8 وڳي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيو ويو آهي۔ نوٽيفڪيشن موجب هي فيصلو فوري طور تي لاڳو ٿيندو ۽ اڻڄاتل مدت تائين نافذ العمل رهندو۔ ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون، پيٽرول پمپ ۽ ڊيري شاپس هن پابندي کان مستثنيٰ هوندا۔ اهڙي طرح ريسٽورنٽ، هوٽل، بيڪريون، ڪريانا، گوشت، ميوا ۽ سبزي جا دڪان رات 10 وڳي تائين کليل رهندا۔ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊيليوري سروسز تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه هوندي۔ شادي هال، مارڪيز ۽ سموريون تقريبون رات 10 وڳي تائين لازمي ختم ڪيون وينديون، پرائيويٽ گڏجاڻيون به ساڳئي وقت تائين محدود رهنديون۔جِمز، ڪلبز ۽ اسپورٽس سهولتون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ هن قدم جو مقصد انتظامي نظم و ضبط ۽ توانائي جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي۔