اسلام آباد ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 16 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

جُولاءِ 19, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ طوفاني وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

اسلام آباد جي موٽر وي ايم ون تي برسات دوران چار بسون ۽ هڪ ڪار پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، وسڪارن سبب راولپنڊي جو نالا لئي ڀرجي ويو، ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا، نالا لئي جي علائقي ۾ فوجي جٿا مقرر ڪيا ويا، شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي

اسلام آباد ۽ راولپنڊي وچ ۾ گولڙه موڙ وٽ انڊر باءِ پاس جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 11 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته انڊر باءِ پاس جي حفاظت لاءِ ٺاهيل هڪ سئو فوٽ ڊگهي ۽ 11 فوٽ اوچي ڀت اوچتو ڊهڻ سبب حادثو پيش آيو، مزدور ڀت وٽ ٽينٽ لڳائي رهيا هئا ته ڀت ڪري پئي، وسڪاري دوران محمد ٽائون جي علائقي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 11 سالن جي نينگري ۽ سندس ماءُ دٻجي فوت ٿي وئي

Leave A Comment