اسلام آباد ۾ عمران جي ڀينرن خلاف 3 ڪيس، هڪ انڪوائري

اسلام آباد ۾ عمران جي ڀينرن خلاف 3 ڪيس، هڪ انڪوائري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عليمه خان ۽ عظميٰ خان خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ بابت درخواست جي جسٽس شاهه رخ ارجمند ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جي ڀينرن جي وڪيل خالد يوسف، جڏهن ته سرڪار طرفان عثمان گھمن پيروي ڪئي. اسلام آباد ۾ عليمه خان ۽ عظميٰ خان خلاف ڪيسن جي سرڪاري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب اسلام آباد پوليس ۾ عليمه خان ۽ عظميٰ خان خلاف 3 ڪيس داخل آهن. ايف آءِ اي ۾ به ٻنهي ڀينرن خلاف هڪ انڪوائري هلندڙ آهي. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته اڄ تائين موجود معلومات موجب مجموعي طور تي ٻئي ڀينرن خلاف 3 ڪيس ۽ ايف آءِ اي جي هڪ انڪوائري آهي. درخواست گذار شهريز خان ٻنهي ڀينرن جي آڪٽوبر 2024ع ۾ گرفتاري دوران درخواست داخل ڪئي هئي. سرڪاري رپورٽ جمع ٿيڻ کان پوءِ عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.