| اسلام آباد ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظام، ريڊ زون سيل: 26 شڪي گرفتار |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ڳالهين لاءِ غير ملڪي وفدن جي آمد متعلق وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن بابت اجلاس ٿيو. اسلام آباد ۾ آمريڪا ايران ڳالهين جي حوالي سان تيارين ۽ سيڪيورٽي پلان جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير محسن نقوي غير ملڪي مهمانن لاءِ انتظامن بابت لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته جنگبندي کانپوءِ آمريڪا ايران ڳالهين جو اسلام آباد ۾ ٿيڻ پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وفدن جي مهمان نوازي ۽ سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪيو ويندو ۽ صرف لاڳاپيل ماڻهن کي داخلا جي اجازت هوندي، گهرو وزارت ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي راڄڌاني ۾ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، وڏي پيماني تي گرينڊ ڪومبنگ سرچ آپريشن ڪيو ويو، 901 ماڻهن ۽ 323 گهرن، 74 دڪانن ۽ 26 هوٽلن جي به چڪاس ڪئي وئي. 180 موٽر سائيڪلن ۽ 73 گاڏين جي جانچ پڙتال ڪئي وئي. 26 شڪي ماڻهن ۽ 13 موٽر سائيڪلن کي وڌيڪ جاچ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. منشيات فروشي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري 285 گرام آئس برآمد ڪئي وئي. ٻئي طرف اسلام آباد انتظاميا متبادل ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو. پڌرائي مطابق 11 ۽ 12 اپريل 2026 تي اهو پلان لاڳو هوندو، اسلام آباد ۾ هر قسم جي هيوي ٽريفڪ جي داخلا بند هوندي. ريڊ زون جا سڀئي رستا مڪمل طور هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند هوندا.