اسلام آباد ۾ لغڙ ۽ ڪيميڪل ڌاڳو کڻي ويندڙ بس هٿ: 2 گرفتار

اسلام آباد ۾ لغڙ ۽ ڪيميڪل ڌاڳو کڻي ويندڙ بس هٿ: 2 گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس پاران لغر اُڏائڻ ۽ ڪيميڪل واري ڌاڳي خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪڊائون ڪيو ويو. ٿاڻو لوهي ڀير پوليس ڪارروائي ڪندي لغڙ اُڏائڻ بازي جو سامان کڻي ويندڙ بس کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پشاور کان گوجرانوالا ويندڙ بس مان وڏي مقدار ۾ لغڙ ۽ مانجهو برآمد ڪيون ويو. ايس ايس پي آپريشنز قاضي علي رضا جي هدايتن تي ڪاروائي دورانبس نمبر JA-6162 مان لغڙ اُڏائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ غيرقانوني سامان هٿ ڪري ٻن جوابدارن ڊرائيور دائود خان ۽ اُن جي ساٿي نعيم کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس مطابق گرفتار جوابدارن مان هڪ غير ملڪي شهري پڻ شامل آهي۔ پوليس مطابق 170 وڏيون، 48 وچولي ۽ 250 ننڍو مانجهو برآمد ڪيو ويو. ان کان علاوه 2700 کان وڌيڪ لغر پڻ قبضي ۾ ورتا ويا. پوليس مطابق ڪيميڪل واري مانجهي جي استعمال خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل ڪئي پئي وڃي.