| اسلام آباد ۾ هڪ به وڻ وڍيو ته توهين عدالت لڳندي: هاءِ ڪورٽ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڻن جي واڍي خلاف ڪيس ۾ عدالت ريسرچ ڪم تي عدم اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو. ايندڙ ٻڌڻي تي مستند ماحولياتي ماهر کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي۔ عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي اسلام آباد جي حدن اندر جيڪڏهن هڪ به وڻ ڪٽيو ويو ته ان کي توهين عدالت تصور ڪيو ويندو۔ سي ڊي اي کان ايندڙ ٻڌڻي تي دليل به طلب ڪيا ويا آهن۔ ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس خادم حسين سومرو ڪئي۔ عدالت سي ڊي اي جي وڪيل سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سوا سال ۾ توهين عدالت ۾ ڪنهن کي به سزا نه ڏني آهي، پر جيڪڏهن سي ڊي اي جو ڪو آفيسر وڻن جي واڍي ۾ ملوث نڪتو ته ان کي توهين عدالت ۾ سزا ڏني ويندي۔