اسلام آباد ۾ هڪ وڌيڪ ڪال سينٽر تي چاپو: آن لائن غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث 276 پرڏيهي گرفتار

اسلام آباد ۾ هڪ وڌيڪ ڪال سينٽر تي چاپو: آن لائن غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث 276 پرڏيهي گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ڪال سينٽر خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي آوفو گروپ نالي ڪال سينٽر مان پرڏيهي شهرين سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. اختيارين موجب ڪال سينٽر آن لائن غيراخلاقي سرگرمين ۽ مالي فراڊ ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪارروائي دوران اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ۽ اهم رڪارڊ پڻ تحويل ۾ ورتو ويو. آوفو گروپ ڪال سينٽر خلاف اين سي سي آءِ اي اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس پيڪا ايڪٽ ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي مختلف قلمن تحت داخل ڪيو ويو. اين سي سي آءِ اي منظم سائبر ڪرائم ۽ آن لائن بليڪ ميلنگ خلاف سخت ڪارروائي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ڪارروائي دوران مجموعي طور 276 پرڏيهي شهرين کي حراست ۾ ورتو ويو، جن ۾ 71 انڊونيشي ۽ 69 ويٽنامي شهري شامل آهن. ان کان علاوه ٿائيلينڊ جا 47 ۽ ميانمار جا 14 شهري پڻ حراست ۾ ورتا ويا، جڏهن ته مجموعي طور 74 چيني شهري ۽ وانواتو جو هڪ شهري پڻ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار چيني شهرين کي جي 13 ۽ راولپنڊي جي هولڊنگ سينٽرز منتقل ڪيو ويو.