| اسلام آباد ۾ وچ روڊ تي پاڻي نڪري آيو سو به گٽرن جو نه |
اسلام آباد (انٽريسٽنگ نيوز) اسلام آباد ايڪسپريس وي تي زيرو پوائنٽ وٽ روڊ جي وچ ۾ هڪ قدرتي چشمو ڦٽي پيو آهي. ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) کي به تيز وهڪري جي ڪري پاڻي روڪڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون آهن. ڊي جي واٽر سردار زمري موجب زيرو پوائنٽ تي پاڻي سي ڊي اي پائپ لائن مان نه پر زير زمين چشمي مان نڪري رهيو آهي. چشمو تازين برساتن کان پوءِ زميني پاڻي جي سطح ۾ واڌ جي ڪري ظاهر ٿيو. پاڻي جي دٻاءُ کي گهٽائڻ لاءِ روڊ سان گڏ ڊرينيج لائن جي صفائي ۽ کوٽائي جاري آهي. سردار زمري وڌيڪ چيو ته چشما نه رڳو زيرو پوائنٽ مان پر يادگار ٽڪري جي هيٺان به نڪرندا آهن، جڏهن ته برساتن کان پوءِ منسٽر انڪليو جي ڀرسان ٽڪري مان به چشما ظاهر ٿيا آهن. هن چيو ته اسلام آباد ۾ زميني پاڻي جي سطح ۾ بهتري خوش آئند آهي ڇاڪاڻ ته شهري پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا هئا ۽ مئي ۽ جون ۾ اسلام آباد ۾ زميني پاڻي جي سطح گهٽ هجڻ جون رپورٽون آيون هيون.